Friday , March 29 2024

ايڊووڪيٽ جنرل صاحب! اوهان چيف منسٽر کي ڇو پيا ڦاسايو، سڌي ڳالهه ڪيو: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

ڪراچي ( چيف رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ ۾ صنعتن جي گندي پاڻي لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ سنڌ سرڪار جي نااهلي جو اعتراف ڪندي شرمساري جو اظهار ڪيو آهي. عدالت کيس منصوبي جو مڪمل شيڊيول گهري ورتو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل آگاهي ڏني ته فنڊز جو معاملو ايڪنڪ اجلاس ۾ حل ڪيو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب اوهان چيف منسٽر کي ڇو پيا ڦاسايو، سڌو موقف اختيار ڪيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ صنعتن جي گندي پاڻي لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ واري معاملي تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته فنڊز جو معاملو هو جيڪو ايڪنڪ اجلاس ۾ حل ڪيو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي خيال ۾ معاملو ختم ٿي ويو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل جواب ڏنو ته جي معاملو ختم ٿي ويو آهي، هاڻ منصوبو مڪمل ٿي ويندو، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ايترو وڏو معاملو ماڻهن جي زندگي سان جڙيل آهي، اوهان چئو پيا سڀ ٺيڪ ٿي ويو آهي.

چيف جسٽس چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب اوهان چيف منسٽر کي ڇو پيا ڦاسايو، اوهان سڌو موقف اختيار ڪيو، جنهن بعد عدالت چيف جسٽس چيف سيڪريٽري کي منصوبي جو مڪمل شيڊيول پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.  چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو ۽ 23 ڊسمبر ڇنڇر تي ٻيهر ڪراچي اچي ٻڌڻي ڪنداسين. چيف جسٽس، چيف سيڪريٽري کان سوال ڪيو ته ايڪنڪ ڇا آهي ۽ ان جو مخفف ڇا آهي؟، جنهن جو چيف سيڪريٽري سنڌ جواب نه ڏئي سگهيو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته سنڌ حڪومت کي جتي عدالت جو سهارو کپي اسان مدد لاءِ تيار آهيون، پر صنعتي گدلاڻ سمنڊ ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

چيف سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته جون 2018 تائين 2 منصوبا ٽي پي ون ۽ ٿري پلانٽ فعال ٿي ويندا، جنهن تي چيف جسٽس چيو رڳو ڳالهين سان ڪم نه هلندو، لکت ۾ حلف ناما جمع ڪرائڻ پوندا، وقت ڏينداسين پر منصوبا مڪمل نه ٿيا ته عدالت ڪارروائي ڪندي. وفاقي پلاننگ ڪميشن جي چيئرمين عدالت کي آگاهي ڏني ته منصوبي جي حتمي منظوري لاءِ ايڪنڪ جو هڪ ٻيو اجلاس ٿيندو. چيف سيڪريٽري، چيف جسٽس جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اوهانجي ڪري ڪم اڳتي وڌي پيو پر هو پنهنجي نااهلي تي شرمسار به آهن، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *