Friday , March 29 2024

اين اي 200 تي مبينا ڌانڌليون، راشد محمود سومرو پاران ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست داخل

لاڙڪاڻو(رپورٽر   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 200 تي هارايل اميدوار راشد محمود سومرو مبينا ڌانڌلين ۽ نتيجن ۾ هيراڦيري ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. راشد محمود سومرو ووٽن جي ڳڻپ ٻيهر ڪرائڻ لاءِ آر اوکي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. آر او وٽ داخل ڪرايل درخواست ۾ ايم ايم اي اميدوار راشد محمود سومرو آر او وت جمع ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته، اليڪشن دوران ووٽنگ وارو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ نتيجن جو اعلان ٿي وڃڻ باوجود اڇا تائين 94 پولنگ استيشنز جا نتيجا اڃا تائين ناهن ڏنا ويا. راشد محمود سومرو درخواست ۾ چيو آهي ته، 23 پولنگ اسٽيشن جا نتيجا ڏنا ويا پير اهي فارم 45 تي نه مليا، انهن پولنگز جا نتيجا سادي ڪاغذ تي لکي ڏنا ويا. راشد محمود سومرو مطالبو ڪيو آهي ته اين اي 200 جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *