Friday , April 19 2024

پي ٽي آءِ کي سياسي جهٽڪو؛ خواجا سعد رفيق ۽ شاهد خاقان عباسي ميدان ماري ورتو

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٿيل ننڍي چونڊن ۾ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف کي سخت جهٽڪا اچي ويا آهن، ن ليگ اين اي 131 ۽ 124 تي ن ليگ تحريڪ انصاف کي شڪست ڏئي ڇڏي،  غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق خواجا سعد رفيق ۽ شاهد خاقان عباسي پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. آچر ڏينهن ملڪ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 35 تڪن تي ٿيل ننڍي چونڊن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ن ليگ لاهور ۾ وزيراعظم عمران خان پاران خالي ڪيل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 131 تي ن ليگ جي اميدوار خواجا سعد رفيق سخت مقابلي کانپوءِ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

سعد رفيق 59 هزار 523 ووٽ حاصل ڪيا، سندس مخالف ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار همايون اختر  48 هزار 669 ووٽ حاصل ڪري سگهيو آهي. غير حتمي نتيجن مطابق، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 124 واري سيٽ تي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق آخري اطلاعن تائين شاهد خاقان عباسي 72 هزار 530 ووٽ حاصل ڪيا، سندس مخالف ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار غلام محي الدين 32 هزار 115 ووٽ کڻي سگهيو. اهڙي طرح اين اي 65 چڪوال تي ق ليگ جي اميدوار ۽ چوڌري شجاعت حسين جي پٽ چوڌري سالڪ حسين 98 هزار364 ووٽ حاصل ڪيا ۽ سندس مخالف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار کي 34 هزار 811 ووٽ ملي سگهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *