Friday , March 29 2024

اين ايف سي ايوارڊ نه ڏيڻ آئين جي خلاف آهي،صدر آئيني ڪردار ادا ڪري:سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني، سينيٽ جي اجلاس دوران رولنگ ڏني آحي ته، اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان نه ڪرڻ غيرآئيني آهي، حڪومت کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ توسيع جي لاءِ سينيٽ کان اجازت وٺڻي پوندي. سينيٽ کي صوبن جي حصن ۾ اضافي جو آئيني اختيار حاصل آهي.

سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر سسئي پليجو ۽ سينيٽر عاجز ڌامراهه جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ اين ايف سي ايوارڊ جي معاملي تي رولنگ ڏيندي چيئرمين چيو ته نائون اين ايف سي ايوارڊ پڻ جاري ٿيڻو آهي. آخري اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان 2010ع ۾ ڪيو ويو هو. وزيراعظم به اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي. صدر کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻي بجيٽ به اين ايف سي ايوارڊ کانسواءِ گذري وئي آهي. 2015ع کان نائين اين ايف سي ڪميشن جوڙي وئي جيڪا اڄ به موجود آهي. هر 5 سالن کانپوءِ صوبن کي انهن جو حصو فراهم ڪرڻ آئيني گهرج آهي. ماضي ۾ ڏنل ايوارڊ جي ڀيٽ ۾ صوبن جو حصو گهٽ نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ ٻئي تي اعتماد جي کوٽ آهي. هر 5 سالن کانپوءِ ڪميشن جي رپورٽ سامهون اچڻ گهرجي. 5 سال گذرڻ کانپوءِ اين ايف سي ڪميشن کي صدر کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻي هوندي آهي. سينيٽ چيئرمين هدايت ڪئي ته رولنگ جي ڪاپي صدر، وزيراعظم، ناڻي واري وزير، قانون واري وزير، وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽرين ۽ صوبائي اسيمبلين ڏانهن به موڪلي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *