Friday , March 29 2024

اينٽي ڪارلفٽنگ پوليس جي پوليس گردي، ملائيشيا مان تعليم حاصل ڪري واپس آيل نوجوان سري عام قتل

ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڪراچي ۾ ڊفينس واري علائقي جي خيابان اتحاد ۾ اينٽي ڪارلفٽنگ سيل / اي سي ايل پوليس جي اهلڪارن ڪار تي انڌاڌند فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس آءِ جي سنڌ جي هدايتن بعد چئن جوابدار اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي ڪراچي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته معجاملي جي جاچ ڪيون پيا.

ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس واري علائقي جي خيابان اتحاد ۾ ڪار تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجان ٿڏي تي مارجي ويو. مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ ڊفينس جي فيز 7 خيابان بادبان جي رهواسي انتظار احمد ولد اشتياق احمد جي نالي ڪئي وئي. نوجوان جي قتل واري واقئي کانپوءِ علائقي واسين جي معلومات مطابق ڪار نمبر بي ايل اِي – 254 تي فائرنگ پوليس اهلڪارن ڪئي. جنهن جو آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪراچي ڏکڻ کي معاملي جي فوري طور تي جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ايس ايس پي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته، فائرنگ ۽ نوجوان انتظار احمد جي قتل جي الزام هيٺ اي سي ايل سي جي 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان انتظار احمد جي والد اشتياق احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، سندس پٽ تعليم حاصل ڪرڻ ملائيشيا ۾ رهندو هو. هن چيو ته سندس پٽ گذريل نومبر مهيني ۾ تعليم مڪمل ڪري واپس وطن آيو هو. اشتياق احمد جو چوڻ هو ته، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس پٽ سان ڪجهه نوجوانن سان معمولي ڳالهه تان منهن ماري ٿي هئي. هن ٻڌايو ته انهن نوجوانن ۾ هڪڙو ڪنهن پوليس آفيسر جو پٽ به هو؛ کيس شڪ آهي ته سندس پٽ جي قتل ۾ اُهي ئي ماڻهن ملوث آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *