Thursday , April 25 2024

ايندڙ عام چونڊن ۾ 10ڪروڙ59 لک 55 هزار 407 ووٽر ووٽ ڏيندا

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن لاءِ رجسٽرڊ ووٽرز جا حتمي تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سموري ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ 10 ڪروڙ 59 لک 55 هزار 407 آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ چونڊن لاءِ سنڌ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ 2 ڪروڙ 23 لک 91 هزار 244 آهي. اليڪشن ڪميشن موجب مرد ووٽرز جو انگ هڪ ڪروڙ 24 لک 36 هزار844 ۽ عورت ووٽرز جو انگ 99 لک 54 هزار 4 سئو آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪل ووٽرز جو انگ 6 ڪروڙ 6 لک 72 هزار 8 سئو 68 آهي. اليڪشن ڪميشن موجب بلوچستان ۾ ڪل ووٽرز جو تعداد 42 لک 99 هزار 494 آهي جن مان مرد ووٽرز 24 لک 86 هزار 230 ۽ عورت ووٽرز جو تعداد 18 لک 13 هزار 264 آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪي پي ۾ ووٽرز جو تعداد 1 ڪروڙ 53 لک 16 هزار 299 آهي، جن مان مرد ووٽرز جو تعداد 87 لک 5 هزار 831 ۽ عورت ووٽرز جو تعداد 66 لک 10 هزار 468 آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته فاٽا جي ڪل ووٽرز جو انگ 25 لک 10 هزار 154 ۽ ٻين قبائلي علائقن جي ووٽرز جو تعداد 7 لک 65 هزار 348 آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *