Tuesday , April 23 2024

ايم ڪيو ايم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪاري موري تي انتظامي قبضي لاءِ جماعت اسلامي سان اتحاد ڪري ورتو

حيدرآباد (سنڌ سماءَ چار نيوز) ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جماعت اسلامي پنهنجي روايتي سنڌي ۽ سنڌي دشمني تي عمل ڪندي، حيدرآباد ۾ قائم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪاري موري مان سنڌي پروفيسرز، اسسٽنٽ پروفيسرز ۽ ليڪچرارن کي مختلف بهانن سان بدليون ڪري انگتظامي طور قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، سڄاڻ ڌرين پاران تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري کي يونيورسٽي جو درجو ملڻ کان اڳ ئي سنڌي ليڪچرارن ۽ پروفيسرن کي تڙي ڪڍڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. اردو ڳالهائيندڙن جي ڪوشش آهي ته يونيورسٽي کان اڳ ئي ڪاليج سنڌين کان خالي هجي. جيئن هو ڪاري موري يونيورسٽي کي به ڪراچي ۽ ڊائو يونيورسٽي جيان سنڌين لاء نو گو ايريا بڻائي سگهن. ان تعصب پرست سوچ توڻي عمل پويان نه فقط ايم ڪيو ايم پر جماعت اسلامي به پيش پيش آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪاليج جي پرنسپال سنڌين کي بدلي ڪرائڻ واري درخواست سنڌ حڪومت کي سڌي ريت ڪرڻ بدران جماعت اسلامي جي اڳوڻي ايم پي اي عبدالرحمان راڄپوت وسيلي سنڌ حڪومت وٽ پهچائي آهي. جنهن تي تعليم واري وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر بنا ڪنهن سوچ ويچار ۽ جاچ جي استادن کي فوري طور بدلي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. استادن تي پرنسپال پاران غير حاضر رهڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم اها ساڳئي ڪارروائي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي قيام وقت به ڪئي هئي ۽ مسعود حميد جهڙي تعصب پرست وسيلي پهرئين مرحلي ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج سنڌين کان خالي ڪرايو ويو بعد ۾ ان کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *