Friday , March 29 2024

ايم ڪيو ايم تي مصيبت مٿان مصيبت،مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 10 اڳواڻن کي نوٽيسز جاري

اسلام آباد(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان بهادر آباد ۽ پي آءِ بي ڪالوني جي ٽولين ۾ ورهائجڻ وارو سلسلو اڃا جاري آهي ت، متحده پاڪستان جي خلاف هڪ نئين مصيبت ڪڙڪي پئي آهي. مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي / ايف آءِ اي متحده جي 10 اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايم ڪيو ايم باني ۽ حوارين جو گهيرو تنگ ٿيڻ لڳو، ايف آئي اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي 10 اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو آهي، ايم ڪيو ايم تي 2 ارب رپيا خدمت خلق فائونڊيشن ذريعي لنڊن موڪلڻ جو الزام آهي، جن اڳواڻن کي طلب ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر صغر احمد جيڪو هن وقت پي ايس ۾ وڃي چڪو آهي، محمد شاهد، محمد زبير، محمد طاهر، روئف مغل، منظور احمد، ڪيف الورا، محمد عمران، رفيق راجپوت ۽ ڪمال صديقي شامل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *