Wednesday , April 24 2024

ايم پي اي نادر مگسي بيماري سبب اسپتال داخل، آصف زرداري سندس طبعيت پڇڻ لاءِ اسپتال پهچي ويو

 Zardari with Nadir

آصف علي زرداري مير نادر مگسي کان سندس طبعيت پڇندي

پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ ايم پي مير نادر مگسي بيماري سبب اسپتال داخل ٿي ويو آهي. مير نادر مگسي کي سيني ۾ تڪليف سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ، جتي سندس تڪڙو علاج ٿيڻ بعد طبعيت گهڻي قدر بهتر ٿي وئي آهي.

مير نادر مگسي جي اسپتال داخل جو ٻڌي اڳوڻو صدر ۽ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري گذريل رات اسپتال پهچي ويو. آصف زرداري مير نادر مگسي کان طبعيت پڇي ۽ ٿورو وقت ساڻس گڏ به گذاريو، جنهن بعد هُو واپس بلاول هائوس هليو ويو.

نادرمگسي  Nadir Magsi1

آصف زرداري جي نجي اسپتال پهچڻ وقت صوبائي وزير سهيل انور سيال به موجود هو، جتي هڪ عجيب منظر ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿي ويو. جنهن منظر لاءِ جيترا وات اوتريون ڳالهيون جي چوڻي جيان ساموهن اچن پيون. پر اسان اوهان جي سامهون رکي ڇڏي آهي. هاڻي فيصلو اوهان پاڻ ڪجو.

Suhail Anwar sial edit

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ميرنادر مگسي جي طبعيت پڇڻ لاءِ نجي اسپتال ايندي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *