Friday , March 29 2024

ايم اين اي علي گوهر مهر جي سرپئنچي ۾ جرڳو،غيرت جي نالي تي 2 خون لڙهي ويا

جرڳوڪندڙ ايم اين علي گوهر مهر     

گهوٽڪي جي ڀنڀرا ۽ پتافي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار واري مامري جو عدالتي پابندين باوجود جرڳو ڪيو ويو. جرڳي ۾ قتل ڪيل هڪ عورت ۽ نوجوان جا خون ڪاروڪاري جي نالي تي لوڙحيا ويا، جڏهن ته پلاند ۾ قتل ڪيل هڪ ڄڻي جي خون بها 30 لک رپيا مقرر ڪئي وئي.

گهوٽڪي ويجهو پتافي ۽ ڀنڀرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جي فيصلي ۾ جرڳي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل جوڙي جو خون غيرت جو جواز ڄاڻائي ختم ڪري ڇڏيا جڏهن ته پلاند ۾ قتل ڪيل ناري جي ڀاءُ شهزادو ڀنڀرو جي خون جو 35 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. خانڳڙهه ۾ ايم اين اي علي گوهر مهر جي سرپئنچي ۾ پتافي ۽ ڀنڀرا برادري جي ٻن ڌرين ۾هلندڙ تڪرار جو جرڳو ٿيو.

جرڳي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل نوجوان اڪبر پتافي ۽ ڀنڀرا برادري جي ناري ڪونجهه جو خون غيرت جو جواز ڄاڻائي برابر ڪيا ويا. جرڳي ۾ پلاند ۾ قتل ڪيل مقتولا ناري جي ڀاءَ شهزادو ڀنڀرو جي خون جو 35 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جرڳي جي فيصلي دوران پتافي برادري جي ماڻهن 5 لک روپيا موقعي تي ڀنڀرا برادري جي ماڻهن کي ادا ڪيا، باقي ڏنڊ جي رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي.

  ڦر دوران مزاحمت تي قتل جو جرڳو،22 لک ڏنڊ مقرر

خانپورمهرخانپورمهر لڳ 5سال اڳ ڦر مزاحمت دوران قتل ٿيل نوجوان جي خون جو جرڳي ذريعي نبيرو ڪيو ويو. خانڳڙهه ۾ گوهر پئلس تي علي گوهر مهر جي سرپئنچي ۾ فيصلو،22 لک روپيا ڏنڊ ،خبر موجب خانپورمهر ڳوٺ خدابخش مهر رهواسي 5 سال ڦردوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان سائينداد مهرجي خون جوراڄوڻي فيصلو خانڳڙهه  ۾ پ پ ايم اين اي علي گوهرخان مهر ، مولا بخش خان مهر غلام مصطفي ابڙو جي سرپئنچي هيٺ خانڳڙهه  جي گوهر پئلس ۾  ٿيو مقتول ڌر طرفان محمد صادق مهر ، قاضي خيرمحمد مهر ، جڏهن ته جوابدار چاچڙ ڌر پاران رفيق احمد چاچڙ ،عبدالله چاچڙ  ايڊووڪيٽ نديم چاچڙ، ٻين شرڪت ڪئي فيصلي ۾ ڌرين جون بيان ٻڌڻ بعد مقتول نوجوان سائينداد مهر جو خون چاچڙن جي ڌر مٿان ثابت ٿيڻ تي مٿن نوجوان جي خون جا 20 لک ۽ مهرڌر جي نوجوان منظور احمد مهر کان ڦر ڪرڻ جو ٻه لک روپيا ڏنڊ سميت مجموعي طور 22 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جڏهن چاچڙن جي ڌر ڏنڊ رقم مان 3 لک روپيا موقعي تي ادا ڪيا ٻئي  رقم   ٽن قسطن م ادا ڪندا ڌريون فيصلي بعد کير کنڊ ٿي ويون .

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *