Saturday , April 20 2024

ايف آءِ اي جو انور مجيد جي کوسڪي شگرملز تي ڇاپو، 6 ملز جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

بدين ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) فيڊر انويسٽيگيشن ايجنسي / ايف آءِ اي ٽيم ايف آءِ اَي ۽ نيب جو رينجرز سان گڏ کوسڪِي ۾ اومني گروپ جِي شگر ملز تي ڇاپو، ايڊمن مئنيجر ۽ اڪائونٽس آفيسر سميت حراست ۾ ورتل 6 ڄڻن کي پڇاڳاڇا بعد ڇڏيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اومني گروپ جي 15 شگر ملز جو سمورو ريڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، ايف آءِ اي ۽ نيب جون ٽيمون 6 ڪلاڪن تائين شگر ملز اندر ريڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پڇاڳاڇا بعد رينجرز جي پهري هيٺ واپس روانيون، اومني گروپ جو سربراهه انور مجيد ۽ سندس پٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار آهن.

مني لانڊرنگ ۽ ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي ڏوڪڙ پرڏيهه موڪلڻ واري اسڪينڊ جي مک جوابدار ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي دوست انور مجيد جي کوسڪي شگر ملز تي ايف آءِ اي جي ٽيم ڇاپو اوچتو ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران شگر ملز طرف ايندڙ ويندڙ سمورا دڳ بند ڪيا ويا ۽ ڪنهن کي به اچڻ وڃڻ نه پي ڏنو ويو. ملز جي مک در ۽ ڀرپاسي ۾ رينرجز جا جوان مقرر ٿيل هئا. ايف آءِ اي جي ٽيم ڪارروائي دوران کوسڪي شگرملز جي جنرل مئنيجر، مئنيجنگ ڊائريڪٽر، اڪائونٽس آفيس ۽ ايڊمن آفيس جي جهڙتي ورتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ايف آءِ اي جي ٽيم پاران حراست ۾ ورتل  ايڊمن ۽ اڪائونٽس آفيسرز کان معلومات وٺندي رهي ۽ رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪري ضروري فائلز پنهنجي تحويل ۾ ورتا. کوسڪي شگر ملز ۾ ايف آءِ اي جي ٽيم 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين ڪارروائي دوران مختلف آفيسرز ۽ ملازمن کان به پڇاڳاڇا ڪندي رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل سوڍل ۽ آصف رند سميت سمورن آفيسرز ۽ ملازمن کان ڌار ڌار اڪيلائي ۾ به پڇاڻو ڪيو. ايف آءِ اي ٽيم شگر ملز جي آءِ ٽي انچارج عبدالرشيد کان به معلومات ورتي ۽ مختلف آفيسن ۾ رکيل ڪمپيوٽرز ۽ ليپ ٽاپس کولرائي انهن مان به معلومات حاصل ڪئي وئي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه ليپ ٽاپس ۽ ڪمپيوٽرز جا پاس ورڊس ڊيڪوڊ نه ٿي سگهيا، جنهن سبب ڪمپيوٽرس ۽ ليپ ٽاپ ٽيم پنهنجي تحويل ۾ ورٺي ڇڏيا آهن. ايف آءِ اي ٽيم کوسڪي شگر ملز ۾ رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ ضروري رڪارڊ تحويل ۾ وٺڻ بعد کوڪسي پوليس اسٽيشن پهتي، جتي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي. ايف آءِ اي حراست ۾ ورتل سوڍل رند، آصف رند، عبدالرشيد، افتخار، وسيم سوني، جاويد کي ڇڏي ڏنو. ان سلسلي ۾ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، آچر جو ڏينهن هجڻ ڪري شگر ملز جون اڪثر آفيسون بند هونديون آهن، انڪري حراست ۾ ورتل سمورن ملازمن کي اڳواٽ ئي اطلاع ڏئي سڏايو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *