Friday , April 19 2024

ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي ( رپورٽ: اصغرآزاد  سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ ايف آءِ اي به آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ان کان  اڳ سپريم ڪورٽ به ٻڻهي ڄڻن کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي. ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل نوٽيسز ۾ اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپرکي سڀاڻي يعني 11هين جولاءِ تي ايف آءِ اي جي لاڳاپيل اختيارين آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي. ايف آءِ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جعلي/بي نامي بئنڪ اڪائونٽس جي ذريعي فائدو حاصل ڪرڻ واري معاملي جي وضاحت ڪرڻ لاءِ چيو ويندو.

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو نالو ”اسٽاپ لسٽ“ ۾ شامل، پرڏيهه وڃڻ تي پابندي، سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *