Wednesday , April 24 2024

ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف مني لانڊرنگ ڪرڻ جي اجائي واويلا پيا ڪن: نفيسه شاهه / سعيد غني

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نفيسا شاهه ۽ سعيد غني چيو آهي ته ايف آئي اي پ پ قيادت جو نالو بدنام ڪرڻ لاءِ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي الزام مڙهي رهي آهي،هنن چيو ته ٻنهي اڳواڻن جو ايف آئي آر ۾ نالو ئي شامل ناهي. پ پ ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻن چيو ته ايف آئي اي جي ڪيس جي حوالي سان پ پ قيادت جي خلاف هٿ ٺوڪيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن. پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو ته فريال ٽالپر جي حوالي سان  3 ڪروڙ رپيا دبئي منتقل ڪرڻ جي ڪوڙي خبر هلائي وئي. هن چيو ته اهڙن الزامن جو مقصد ليڊرشپ تي دٻاءَ وجهڻ آهي، چونڊن جي ڏينهن ۾ اهڙا الزام سامهون آڻڻ سازش آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ايف آئي اي ڪيس جي شنوائي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته زرداري گروپ آف ڪمپنيز رجسٽرڊ ادارو آهي،ڏيڍ ڪروڙ رپين جي هڪڙي ٽرانزيڪشن ٿي آهي، جنهن کي اربين رپين سان جوڙيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪوبه 3 ڪروڙ رپين جو ڪراس چيڪ نه ڏيندو،جيڪڏهن ايف آئي اي وٽ ثبوت آهن ته 3 ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏيڻ جو سبب ٻڌائي. هن چيو ته ايف آئي آر ۾ ڪٿي به زرداري ۽ فريال ٽالپر جو ذڪر ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *