Friday , March 29 2024

اوٻاوڙو جي يوسي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيا، فنڊز ۾ مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج

گهوٽڪي (زوهيب ڪمال پٺاڻ) اوٻاوڙو تعلقي جي يونين ڪائونسل وستي جيوڻ شاھ ۾ ترقياتي فنڊز ۾ مبينا طور لکين رپين جي ڪرپشن ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، يو سي سيڪريٽري بااثر ماڻهن سان ملي ڀڳت ڪري ترقياتي ڪمن لاءِ آيل 36 لک رپين جا ڪم فائلن ۾ ڏيکاري رقم هڙپ ڪري ڇڏي آهي. علائقي واسين ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ فنڊز هڙپ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب يو سي يو جو سيڪريٽري ڪمال الدين سمون، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سان ملي ڀڳت ڪري علائقي ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ آيل فنڊز ڪاغذي ڪاروائي ڪري هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن بابت علائقي واسين کي ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ سکڻا دلاسا ڏنا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار جي گهوٽڪي جي ضلعي رپورٽر جي سروي مطابق، ديھ ٻنڍوعبدالستار شاھ جي ڪائونسلر  محمد بچل گهنڃون جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن يو سي سيڪريٽري، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ٻن سالن دوران يو سي جي ترقياتي ڪمن لاءِ ملندڙ رقم سکڻي ڪاغذي ڪارروائي ڪري فنڊز هڙپ ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته، يوسي چيئرمين محمد اجمل خان گرگيج ۽ سڪريٽري ڪمال الدين سمون گذريل ڏيڍ سال کان فنڊز هڙپ ڪري رهيا آهن. هنن الزام هڻندي چيو ته، ٻن سالن دوران 36 لک روپيا خرچ ڏيکاريا ويا آحن پر علائقي ۾ ڪو به ڪم ناهي ڪيو ويو. يو سي جي ڪائونسلر وڌيڪ ڳالھائيدي چيو ته اسان عوام کان ووٽ ڳوٺاڻن جي ڪم ڪرائڻ جو چئي ورتا پر هاڻي چيئرمين ۽ سڪريٽري ڪو به ڪم نه پيا ڪن،جنهن جي نتيجي ۾ سندن علائقن جا مسئلا حل نه ٿيڻ ڪري عوام پريشان آهي. هنن مطالبو ڪيو ته يو سي جي فنڊز ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي يو سي سيڪريٽري، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سميت ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *