Thursday , March 28 2024

اوهان قاتلن جي پٺڀرائي ڇو پيا ڪيو ؟؟ اُمِ رباب چانڊيو جو سهيل انور کان سوال

سکر( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سکر ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال آڏو ميهڙ ۾ قتل ٿيل يوسي چيئرمين ۽ سندس ٻن پٽن جي وارث ام رباب چانڊيو احتجاج ڪيو، ام رباب سهيل سيال سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جوابدارن جي پٺڀرائي ڪئي، منهنجي والد جي قتل تي تعزيت ڪرڻ به نه آيا، سهيل انور سيال چيو ته اسان هن ڪيس ۾ ڪنهن جو به ساٿ نه ڏنو، قاتل ڪير آهي ان جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي. سکر ۾ اليڪشن ٽربيونل ۾ پيش ٿيڻ دوران اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال آڏو ميهڙ ۾ قتل ٿيل يوسي چيئرمين سميت قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي وارث ام رباب چانڊيو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ام رباب سهيل انور سيال سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جوابدارن جي پٺڀرائي ڪئي، منهنجي والد جي قتل تي تعزيت ڪرڻ به نه آيا.

هن چيو ته سردار چانڊيو هن وقت تائين اهو ثابت ڪري نه سگهيو آهي ته هو بيگناهه آهي، پر ان جي باوجود سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. سهيل سيال چيو ته ٽن ڄڻن جي قتل ۾ جيڪي به ماڻهو ملوث آهن، انهن کي سزا ملڻ گهرجي. اڳوڻي صوبائي گهرو وزير چيو ته توهان جي چوڻ تي ڪيس داخل ٿيو، ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي جيڪو فيصلو آيو اهو قبول ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان هن ڪيس ۾ ڪنهن جو به ساٿ نه ڏنو، قاتل ڪير آهي ان جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *