Thursday , March 28 2024

اومني گروپ ۽ زرداري گروپ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ جا ذميوا آهن: جي آءِ ٽي رپورٽ

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ زرداري گروپ آف ڪمپنيز، اومني گروپ ۽ بحريا ٽائون گروپ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ سمورن جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي سندن ملڪيت منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت ڌرين کان 31 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪندي چيو آهي ته اومني گروپ جَي مالڪن جِي مَڳي اڃا ختم نه ٿي آهي، هي پراڻو پاڪستان ناهي، ڪنهن سان به رعايت نه ٿيندي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. عدالت ۾ پروجيڪٽر لڳائي جي آءِ ٽي جي رپورٽ هلائي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۽ لاهور  بلاول هائوسز جي تعمير لاءِ پئسا جعلي اڪائونٽس مان منتقل ڪيا ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته آصف زرداري ۽ بلاول جي گهر جو خرچ به ڪمپنيون ادا ڪنديون رهيون آهن. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو ته اومني گروپ کي 5 حصن ۾ ورهائي سنڌ بئنڪ مان 24 ارب روپين جو قرض ورتو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته بلاول هائوس لاهور، زرداري گروپ جي ملڪيت آهي، ڊنشا آصف زرداري جي فرنٽ مين طور ڪم ڪندو آهي، عدالتي حڪم تي اومني گروپ جي ملڪيت جو ڪاٿو لڳايو ويو پر هاڻي قيمت گهٽجي وئي آهي. جي آءِ ٽي رپورٽ چيو ته فريال ٽالپر جي اڪائونٽس مان پئسا ڪڍرائي بلاول هائوس لاهور ۽ ٽنڊو الهيار ۾ زمين خريد ڪئي وئي. جي آءِ ٽي رپورٽ موجب هڪ ڏهائي 2  ارب رپيا فريال ٽالپر جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيا آهن. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪتن جو کاڌو ۽ هيٽر جو بل ٻيو ڪير ادا ڪندو هو، جيڪڏهن ڪير پيمپر ۾ به آهي ته اهو به ان سان گڏ ويندو.

چيف جسٽس چيو ته هي اهو پاڪستان ناهي، جتي سرڪاري زمينون من پسندن ۾ ورهايون وينديون هيون. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته آصف زرداري لاءِ 28 ٻڪرن جي قرباني لاءِ پئسا به جعلي اڪائونٽس مان منتقل ٿيا. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته هي قوم جو پئسو آهي، ڪنهن کي معاف نه ڪيو ويندو. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ماڊل ايان علي ڪٿي آهي، بيماري سبب ٻاهر وئي هئي، هاڻي سندس واپسي جو ڪهڙو  طريقيڪار آهي ؟. چيف جسٽس جي آءِ ٽي رپورٽ ڌرين کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي رمارڪس ۾ چيو ته ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ مان هاڻي ڪهڙو فائدو آهي، کيس واپس آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ايف آءِ اي عدالت کي استدعا ڪئي ته سڀني جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو وڃي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته سڀني جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت سان رابطو ڪيو وڃي، اهو ان جو ڪم آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ملڪ رياض ڪٿي آهي؟، اسان ڪنهن کي ٻڌائڻ جا محتاج نه آهيون جيڪڏهن هو پيش نه ٿيو ته کيس گرفتار ڪرائينداسين. چيف جسٽس چيو ته بحريا ٽائون جي ملازمن کي پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن ۽ نه وري بجلي جا بل ادا ٿين پيا، ڇا اسان کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي؟ چيف جسٽس ثاقب نثار ٻڌڻي دوران وڪيلن کي چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻڌائي ڇڏو ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجي ڪيمپ آفيس قائم ڪري وٺي ۽ سمورا دستاويز به پاڻ سان گڏ آڻي. چيف جسٽس اومني، زرداري ۽ بحريا ٽائون گروپ جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 31 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *