Friday , March 29 2024

اوباما ايران تي وڏو مهربان هو، هاڻي ائين نه ٿيندو: ڊونلڊ ٽرمپ

Iran FlagTrump1

 آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي انتظاميا بليسٽڪ ميزائيل جو تجربو ڪرڻ تي ايران مٿان وڌيڪ پابنديون لڳائيندي چيو آهي ته اوباما ايران وڏو مهربان هو پر هاڻي ائين نه ٿينديو. آمريڪي ناڻي کاتي پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته اهي پابنديون ايران جي 13 فردن ۽ ڪيترين ئي ڪمپنيز تي لڳايون ويون آهن. پابندين جي اعلان کان اڳ صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ چيو هو ته ايران باهه سان کيڏي رهيو آهي، ايرانين کي ان ڳالهه جو قدر ڪرڻ گهرجي ته اوباما هنن تي ڏاڍو مهربان هو، پر آئون اهڙي ڪا به مهرباني نه ڪندس. ايران جي جن ڪمپنين تي نيون پابنديون لڳايون ويون آهن، انهن مان ڪجهه متحده عرب امارات، لبنان ۽ چين ۾ موجود آهن ۽ پابندي هيٺ آيل فردن ۾ ايراني پاسداران انقلاب جا ميمبر به شامل آهن. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار مائيڪل فـِلن ايران جي بئلسٽڪ ميزائيل تجربي تي ردعمل ظاهر ڪندي خميس ڏينهن چيو هو ته اسان اڄ کان ايران کي سرڪاري طور نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون. جرمني جي پرڏيهي وزير سگمر گيبريل به چيو آهي ته ايران پاران بئلسٽڪ ميزائيلن جا تجربا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهن ۽ آمريڪا جو ان حوالي سان ردعمل سمجهه ۾ اچڻ جوڳو آهي. جرمن پرڏيهي وزير چيو ته ايران جي ميزائيل تجربن جو تهران سان طئي ٿيل عالمي طاقتن واري ايٽمي معاهدي تي ڪو به اثر نه پوندو….

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *