Thursday , March 28 2024

سنڌ خوشحال ۽ ڪو بيروزگار نه هجي، اهڙي تبديلي چاهيون ٿا،ايندڙ چونڊن ۾ 420 پوتارن کي ملهه دسينداسين: علي قاضي

گهوٽڪي ( زوهيب ڪمال پٺاڻ رپورٽر سنڌسماءَچار) تازو اليڪشن ڪميشن پاران رجسٽرڊ ٿيل سنڌ سان لاڳاپيل نئين سياسي پارٽي “ تبديلي پسند پارٽي”  صوبي ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، علي قاضي گذريل ڪيترن سالن کان تبديلي جي سري هيٺ سرگرميون ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي ميڊيا هائوس جو به مالڪ آهي. تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه علي قاضي رابطه مهم جي سلسلي ۾ گهوٽڪي ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مختلف ميڙاڪن دوران ڳالهائيندي چيو آهي ته مان اهڙي تبديلي چاهيان ٿو جنهن وسيلي سڄي سنڌ جون اسپتالون، اسڪول، روڊ رستا بهتر ٿي وڃن ۽ پوليس ڪنهن به بيگناهه کي گرفتار نه ڪري. قادرپور، ڳوٺ جهنگل گهوٽو، حسين ٻيلي، ڳوٺ بهاول عارباڻي ۽ درنگ ملوڪاڻي ۾ خطاب ڪندي علي قاضي چيو ته تبديلي پسند پارٽي جو سڄي سنڌ ۾ پليٽ فارم جڙي ويو آهي، ان سان لکين ماڻهو جڙي رهيا آهن جيڪي 420 ڀوتارن کي اليڪشن واري ڏينهن ملهه دَسيندا.

هن چيو ته اسان اهڙو معاشرو چاهيون ٿا جنهن جي ڪنهن به علائقي ۾ برادرين جي نالي تي ڳڀرو نه ڪسجن. سندس چوڻ هو ته هڪ پاسي ڪروڙين سنڌ واسي ۽ ٻئي پاسي واري وٽي سان حڪومتون ڪري سنڌ تي ڌاڙا هڻندڙ آهن، انهن کي محدود ڪرڻ لاءِ اسان کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ جو ڏينهن ملهائڻو آهي. انهن موقعن تي تبديلي پسند پارٽي جي مرڪزي توڙي مقامي اڳواڻن محبوب علي سومرو، مسعود وساڻ، علي شير مهر، مير اعجاز ٽالپر، منظور گهوٽو، سڪندر اوڳاهي، فقير ڪامل لکڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تبديلي پسندن جو قافلو ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پڻ ويو جتي سندن شاندار آجيان ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *