Tuesday , March 19 2024

انور مجيد لاءِ ڊاڪٽر اهڙيون رپورٽس آخر ڇو ٿا ڏين؟ عدالت جو سوال

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار)  بئنڪنگ ڪورٽ جي جج اومني گروپ جي شگرملز واري ڪيس ۾ انور مجيد کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ته آخرڪار ڊاڪر اهڙيون ميڊيڪل رپورٽس ڇو ٿا ڏين جو انور مجيد کي عدالت ۾ پيش نه ٿو ڪيو وڃي؟ عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته امنمنور مجيد اهڙي ڪا به بيماري نه آهي جو کيس عدالت ۾ پيش نه ڪيو وڃي. اڱاري ڏينهن ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ اومني گروپ شگر ملز ڪيس ۾ انور مجيد جي پيش نه ٿيڻ تي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کيس 6 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رمارڪس ڏنا ته؛ انور مجيد بابت پيش ڪيل رپورٽ تي چيو ته انور مجيد کي اهڙي ته ڪا بيماري نه آهي جو هو عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي، خبر ناهي ڊاڪٽرز اهڙي رپورٽ ڇو تيار ڪري رهيا آهن. بئنڪنگ ڪورٽ شگر ملز ڪيس ۾ انور مجيد گرفتار ڪري 6 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو آهي. انور مجيد جا پٽ علي ڪمال ۽ ذوالقرنين عدالت آڏو پيش ٿيا. ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ ٽنڊو الهيار شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران انور مجيد جا پٽ علي ڪمال ۽ ذوالقرنين سميت اومني گروپ جا ٻيا ملازم پيش ٿيا. وڪيلن پاران انور مجيد جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته انور مجيد دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهي، علاج سبب هو عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي. ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته انور مجيد روڊ ذريعي يا ايئر ايمبولينس ذريعي سفر به نه ٿو ڪري سگهي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ۾ چيو ته خبر ناهي ته ڊاڪٽرز اهڙي رپورٽ ڇو جاري ڪري رهيا آهن، اسان رڳو ڪيس جي پروسيڊنگ چاهيون ٿا. عدالت جو چوڻ هو ته انور مجيد کي اهڙي بيماري ناهي جو عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي، وڪالت نامو جيل اختيارين جي سامهون صحيح ڪرائڻ لاءِ چيو هو ۽ ڊاڪٽرز کي به پيش ٿيڻ لاءِ چيو پر ان تي عمل نه ڪيو ويو. عدالت انور مجيد جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 6 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *