Thursday , March 28 2024

انسان دوست صحافي ارشاد گلاباڻي جي پنجين ورسي– ڊاڪٽر ايوب شيخ

Dr Ayoub Sheikh

اسان جو دوست، سنڌ جي ايماندار ۽ محنتي صحافين منجهان هڪ، دوستن جو دوست، دلبريون ورهائيندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هو روحاني طور جمهوريت پسند هيو. ارشاد گلاباڻي ايماندار سنڌي صحافين جو نشان هيو. جڏهن به ايمانداري ۽ ثابت قدمي جي ڳالهه نڪرندي هئي ته پهرين نالن ۾ سندس نالو هوندو هيو. هن جا مون سان مائٽاڻا لاڳاپا هئا. اسان جو گهرن ۾ اچڻ وڃڻ هيو. ان ڪري ڏُک سُک ونڊيندا هئاسين، کلندا هئاسين، چرچا ڀوڳ ڪندا هئاسين، تبصرا ڪندا هئاسين ۽ تجزيا ڪندا هئاسين. ڪهڙي ڳالهه تي اڃا به وڌيڪ لکڻ گهرجي، ان جون صلاحون ڏيندو هيو. هڪڙي ڳالهه ۾ ايمان جي حد تائين سندس يقين هيو ته هر خرابي سياسي مرحلن جاري رهڻ سان ختم ٿيندي، ان ڪري هو آمريت جو هردم مخالف ۽ جمهوريت جو روحاني طور حامي ۽ وڪيل هيو.

هو پهريون ڀيرو جڏهن ڪراچي آيو هيو ته پهرين ڏينهن کان منهنجي واقفيت ۽ دوستي ٿي هئي. مون پهرين ڏينهن هن کي موٽر سائيڪل تي ويهاري سهراب ڳوٺ کان وٺي سمونڊ تائين ڪراچي جي سطح ۽ گهرائي، مواقفت ۽ منافقت، حمايت ۽ مخالفت، سهپ ۽ اَسهپ، ماڻهن جي روين، هتان جي عورتن جي نظر نه ايندڙ محبتن ۽ اڻ لکن ڄارن کان آگاهه ڪيو هيو. منهنجي ان سڄي ڏينهن جي ڪراچي گهمائڻ جو نتيجو اهو نڪتو، جو هو ڪنهن به دلبي ۾ نه ڦاٿو. ماڻهن ک خبر پئجي وڃي ٿي ته گمراهين جا رستا ازخود بند ٿي وڃن ٿا. يا ماڻهو ان ۾ ڦاسڻ کان پرهيز ڪري ٿو، جيستائين سندس پنهنجو خيال نه هجي.

زندگي جي آخري ٻن مهينن ۾، مون سندس جاري بخار ۽ ان کي پونسٽان سان حل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. پر انسان، ننڍو وڏو بخار سهي وڃي ٿو ته پوءِ اهڙا مشورا غير ضروري محسوس ڪري ٿو. جڏهن ڊاڪٽر عنايت جي مدد سان هن جي سي ٽي اسڪيننگ ۾ “ڪئنسر” جو خدشو پيدا ٿيو هيو ته هو ان کي بخار کان اڳيان مڃڻ لاءِ تيار نه هيو. سول اسپتال جي SIUT ۾ داخل ٿيڻ ۽ اتي موجود ڊاڪٽرن پاران تشخيص کانپوءِ هن هڪ ڏينهن مون کي چيو ته ”ڪئنسر موجود آهي، هاڻي مقابلو ڪرڻو آهي.“ هن مون کي حسرتن مان ڏٺو هيو. مون کي سندس جدائي جون ريکائون چهري تي نظر اچي ويون هيون، پر اسان ۾ هڪ اڻ لکيل معاهدو هيو ته زماني جي ڏُکن تي ڳالهائي سگهجي ٿو، پر هڪٻئي سان ٿيندڙ وارتا جي باري ۾ اکر ڪُڇڻو ناهي.

gulabani1

هڪ ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سان گڏجي سول اسپتال وياسين. اتي هن پنهنجي بيماري بدران ڊاڪٽر اديب رضوي جي (ههڙي دور ۾ به) انتظامي ۽ خيراتي صلاحيتن تي ڳالهايو. سمورن ويٺلن جي ذهن ۾ ارشاد جا ”باقي ڪجهه ڏينهن هجڻ“ وارو خيال حاوي هيو.

رات جو مون کي فون ڪيائين. هن مون کي امر جليل جي ان ڪهاڻيءَ جو حوالو ڏنو ته ڪيئن اڳي نوجوان عشق جي ڪري ڪئنسر جهڙي مرض جيFantasy  ۾ مبتلا هوندا هئا ۽ ڇوڪريءَ سان عشق بدران ڪئنسر ملڻ جون دعائون ڪندا هئا. اها ڳالهه ڦيرائي، وري چيائين، ”وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي وڏي شان مان سان الوداع ڪرڻ گهربو هيو، ۽ ايوان صدر ۾ ان جي باري ۾ ڪي ڪلمات ضروري هئا.“

جڏهن ڊاڪٽرن سندس ڪئنسر زده گڙدي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ته هن فون تي مون کي چيو ته ”صبح کان رات تائين آپريشن، ان مان بحالي ۽ پوءِ آءِ سي يو ۾ رکندا، پاڻ ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ ملنداسين.“ هن جو آپريشن ٿيو. هو آخر تائين ICU مان نه نڪري سگهيو. ڪئنسر سندس گڙدي کان جگر پار ڪري ڦڦڙن ۾ ديرو ڄمايو ويٺي هئي. مٿان باقي بچيل گڙدي تي ذميداريون وڌي ويون ته ان به ڪم ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري. هڪ رات اڳ ڊاڪٽرن کيس وارڊ ۾ منتقل ڪرڻ جو کيس اطلاع ڏنو هيو. پر باقي بچيل گڙدي عين وقت تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، جنهن ڪري اميدون خاڪ ۾ ملڻ شروع ٿي ويون.

مون کي آخري فون تي ڪجهه لهسيل، ڪجهه ماٺيڻي ۽ ڪجهه حجت مان چيائين؛ ”سنگت تي بار آهن، مون کان وڌيڪ خطرناڪ مريض به خوش ٿي هليا ويا، آئون هتان جو ٿي ويو آهيان.“ هڪ ڪلاڪ کانپوءِ هن کي بيهوش ڪري ونٽيليٽر وسيلي آڪسيجن کڻڻ تي رکيو ويو. سندس گڙدي جي صفائي لاءِ ڊائليسيز ڪئي ويئي. ڦڦڙن آڪسيجن کڻڻ کان انڪار ڪيو ته مون سڄي سنگت کي ۽ ڪاوش جي مسٽر علي قاضي کي اطلاع ڏيئي ڇڏيو.

Irshad Gulabani 01gulabani2

جمعي ڏينهن مون پردو هٽائي، ارشاد کي آخري ڀيرو جيئرو ڏسندي هن جي زندگي جا اهي ويهه سال ياد ڪيا، جيڪي اسان گڏجي گذاريا هئا، هڪ دوست ۽ فيملي فرينڊ جي حيثيت ۾. ارشاد گلاباڻي بقول ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جي ته؛ ”هڪ انسان دوست صحافي جي مري وڃڻ تي هن کي بيحد ڏک آهي.“ هن جا پراڻا دوست ڊاڪٽر بخش علي سنڌي، ڊاڪٽر مرلي ڌر، ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر سميت صحافين ۾ سندس سوين دوست، ريڊيو، ٽي وي، اخبار سان سلهاڙيل ڪيئي سينئر پنهنجي مائٽن جهڙي دوست جي وڇوڙي تي ڏُک ۾ هئا. اهو ارشاد اسان جي ياد جي ذخيري جو نشان بنجي پيو آهي. سندس ڪُمهلي موت جي ڪري الاهي شيون اڌ ۾ رهجي ويون. هن جي زندگي ۾ آمريت کي هميشه لاءِ شڪست، هن جي ٻارن جي تعليمي طور ماهر ٿيڻ، ۽ سنڌي ماڻهن جو هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو مالڪ ٿيڻ جا خواب سندس خواب هئا. شل سندس خوابن جي تعبير ٿئي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *