Thursday , April 25 2024

امريڪي رياست ٽيڪساس جي چرچ ۾ فائرنگ، 26 ڄڻا مارجي ويا،20 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) امريڪي رياست ٽيڪساس جي هڪ چرچ ۾ هٿياربند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا ٿڌي تي مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ٽيڪساس رياست جي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته، ولسن ڪائونٽي واري جي سائودرلينڊ اسپرنگ جي هڪ چرچ ۾ آچر ڏهاڙي واري خصوصي عبادت دوران هڪ شخص انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏني. انتظاميا موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا. ٽيڪساس انتظاميا موجب مقامي وقت مطابق آچر ڏهاڙي صبح تقريبن 11 هين وڳي ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿي پيا، فوتين ۽ زخمين ۾ عورتون به شامل آهن.

مقامي انتظاميا ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته، چرچ تي حملو ڪندر شخص به مارجي ويو آهي. ٽيڪساس اسٽيٽ جي گورنر گريگ ايبٽ جو چوڻ آهي ته، واقعو دهشتگردي آهي، جنهن جو اڳ اهڙو مثال نه ٿو ملي، هي وقت انتهائي ڏکوئيندڙ پيڙا ڏيندڙ آهي، جيڪو سڄي قوم محسوس ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ سان اينٽونيو ايف بي آءِ برانچ جي عملدارن جو چوڻ آهي ته، سندن اهلڪار چرچ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ موجود هئا، پر ان چرچ يا ڪنهن ٻئي هنڌ اهڙي ڪنهن ب ه واقعي جي اڳواٽ انٽيليجنس سرپورٽ نه هئي، جنهن جي نتيجي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن.

سي اين اين ۽ بي بي سي انگريزي سروس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ٽيڪساس پوليس جي اختيارين مقامي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته، حملي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي ٽيم واقعي جي هنڌ پهتي، ان دوران  حملي آور به ٿڏي تي مارجي ويو،پر ان بابت اڃا تائين واضع نه ٿو چئي سگهجي ته حملو ڪندڙ شخص پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي يا هُن پاڻ کي ختم ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *