Friday , March 29 2024

امريڪي رياست ٽيڪساس جي اسڪول ۾ فائرنگ،پاڪستاني شاگردياڻي سميت 9 شاگرد مارجي ويا، انگ وڌڻ جو امڪان

 ٽيڪساس:اسڪول ۾ فائرنگ ڪندڙ شاگرد- تصوير رائيٽرس جي ٿورن سان

واشنگٽن (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) امريڪي رياست ٽيڪساس جي هڪ اسڪول ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 شاگردن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا آهن، مارجي ويل شاگردن مان هڪ شاگردياڻي جو واسطو پاڪستان سان ٻڌايو پيو وڃي.  پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪندڙ شاگرد کي سوگهو ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. امريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته، ٽيڪساس رياست جي سينٽافي هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران هڪ شاگرد ڪلاس روم اندر ئي پسٽل سان فائرنگ ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ 8 شاگرد ٿڏي تي مارجي ويا ۽ ٻن ڄڻن جي حاللت ڳڻتي جوڳي هئي. امريڪي ميڊيا موجب زخمين کي اسپتال نيو پي ويو ته ٽن ڄڻا رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا. پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽ مطابق، فائرن جي واقعي ۾ مارجي ويلن ۾ 9 شاگرد شامل آهن، ۽ هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ ناهي ٿي، اڻ تصديق ٿيل ذريعن موجب شاگردن کانسواءِ مارجي ويل اسڪول جو استاد يا عام ملازم آهي.  امريڪي ميڊيا جي رپورٽس مطابق فائرنگ ڪندڙ ساڳئي اسڪول جو شاگرد آهي، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

ٻي طرف اهو به معلوم ٿيو آهي ته سينٽافي هاءِ اسڪول جي ڪلاس روم ۾ ٿيل فائرنگ واري واقعي ۾ هڪ پاڪستاني شاگردياڻي به شامل آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق پاڪستان جي سفارتي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته مارجي ويل پاڪستاني شاگردياڻي جي سڃاڻپ سبيڪا شيخ طور ڪئي وئي آهي. سفارتي ذريعن موجب شاگردياڻي بابت وڌيڪ ڪا به ڄاڻ تڪڙ ۾ جاري نه ٿي ڪري سگهجي، ان بابت اڄ ڇنڇر تي منجهند جو پرڏيهي وزارت جو ترجمان تفصيل جاري ڪندو يا وري پريس ڪانفرنس ڪري ان بابت ڄاڻ مهيا ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *