Friday , April 19 2024

امداد پتافي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اسميبلي کي پنهنجي اوطاق بڻائي ڇڏيو…!

پ پ جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير امداد پتافي هڪ ڀيرو وري سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي عورت ايم پي اي سان مخاطب ٿيندي انتهائي اڻ وڻندڙ / غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪئي آهي.

امداد پتافي اهڙا لفظ استعمال ڪيا جيڪي، اجلاس جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کي ايوان جي ڪارروائي مان خارج ڪرڻا پئجي ويا.

اسيمبلي ۾ امداد پتافي پاران تقرير ۾ استعمال ڪيل غير پارلياماني لفظن  تي فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي شهريار مهر چيو آهي ته، پ پ جي سنڌ اسيمبلي ۾ موجود ڪجهه ميمبرن خاص طور تي امداد پتافي کي عام محفل ۾ به ڳالهائڻ جو ڍنگ نه آهي. امداد پتافي اخلاقي طور تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي اهل ئي نه ٿو لڳي.

شهريار مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي اپيل ڪيون ٿا ته هُو امداد پتافي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ پنهنجي ايم پي ايز کي ڳالهائڻ جو ڍنگ سيکارڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ گهرجي.

نواز ليگ جي عورت ايم پي اي سورٺ ٿيٻو چيو آهي ته امداد پتافي اڳ به نصرت سحر عباسي سان بداخلاقي وارا اڻ وڻندڙ جملا ڳالهائي چڪو آهي. امداد پتافي کي ايم پي رهڻ جو به حق نه آهي. هن چيو ته پ پ وارن کي آصف زرداري خلاف نعرن تي ايتري ڪاوڙ لڳي ته ٻين پارٽين جي سربراهن خلاف اهي جيڪا ٻولي استعمال ڪندا آهن ته ان وقت کي ڪجهه محسوس ناهي ٿينديو

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *