Thursday , March 28 2024

اليڪشن ڪميشن نواز شريف کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جواب طلب

PM Nawaz election commission

اليڪشن ڪميشن  اثاثن ۽ آمدني جي ذريعن  ۾ فرق تي وزيراعظم نواز شريف ۽ حمزه شهباز سميت نوازليگ اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، وزيراعظم اي سي پي جي نوٽيس تي اثاثن بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن  پارليامينٽ جي ٻين ميمبرن جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن  اثاثن ۽ آمدني جي ڄاڻايل ذريعن  وچ ۾ فرق تي وزيراعظم نواز شريف  سميت نوازليگ اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اليڪشن ڪميشن پاران حمزه شهباز،خواجا آصف، خرم دستگير ، محمود بشير ورڪ کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

نوٽيس ۾ شريف خاندان جي ملڪيتن ۽ آمدني جي ڄاڻايل ذريعن ۾ فرق سبب شريف خاندان کي وڌيڪ تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن اياز صادق، زاهد حامد، احسان اقبال ۽ سعد رفيق جي اثاثن جا تفصيل درست قرار ڏئي ڇڏيا آهن.

ٻي پاسي وزيراعظم اي سي پي جي نوٽيس تي اثاثن بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *