اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي خلائي مخلوق جي چونڊون ڪرائڻ جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته اسان 2018ع جي چونڊن لاءِ تيار آهيون، خلائقي مخلوق طرفان چونڊون ڪرائڻ جا بيان مفروضن تي ٻڌل آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان الطاف خان اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان 2018ع جي چونڊن لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اهم عهدن تي ويٺل شخصيتون اهڙن بيانن کان پاسو ڪن. ترجمان چيو ته خلائقي مخلوق طرفان چونڊون ڪرائڻ جا بيان مفروضن تي ٻڌل آهن. ترجمان چيو اليڪشن ڪميشن آئيني ۽ قانوني ذميوارين ۾ مڪمل طور ٽي آزاد آهي، خلائي مخلوق طرفان اليڪشن ڪرائڻ جو بيان آئين ۽ اليڪشن ڪميشن جي مئنڊيٽ خلاف آهي.
Check Also
نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون
ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …