Thursday , April 18 2024

اليڪشن ڪميشن آصف زرداري جي نااهلي لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي

اليڪشن ڪميشن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نااهلي لاءِ داخل تحريڪ انصاف جي درخواست ٻڌڻي لاءِمنظور ڪري ورتي، خرم شير زمان طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آصف زرداري نيويارڪ ۾ هڪ اپارٽمنٽ جو مالڪ آهي، جنهن جو ذڪر هن اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ نه ڪيو آهي، آئين موجب، آصف علي زرداري صادق امين نه رهيو آهي، جنهن سبب کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.  اليڪشن ڪميشن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نااهلي لاءِ داخل تحريڪ انصاف جي درخواست ٻڌڻي لاءِمنظور ڪري ورتي. اليڪشن ڪميشن ۾ پنج رڪني ڪميشن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان جي درخواست جو جائزو وٺڻ بعد درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيو.  اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، شروعاتي ٻڌڻي ايندڙ هفتي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران رڳو درخواستگذار کي نوٽيس جاري ڪري سندس موقف ٻڌو ويندو.  خرم شير زمان طرفان 20 ڊسمبر تي داخل ڪرايل درخواست ۾ آصف علي زرداري تي مبينا اثاثا لڪائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.  درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آصف زرداري نيويارڪ ۾  هڪ اپارٽمنٽ جو مالڪ آهي، جنهن جو ذڪر هن اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ نه ڪيو آهي.  درخواست ۾ استدعا ڪئي ته آئين اثاثا لڪائڻ بعد آصف علي زرداري آئين موجب صادق ۽ امين نه رهيو آهي،جنهن سبب کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *