Thursday , April 25 2024

اليڪشن مهم، پي ايس 29 جي اميدوار شيراز راڄپر کي ووٽرز سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

فيض گنج ( رپورٽر سنڌسماءَچار) 25 جولاءِ تي رٿيل عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کان آڏي پڇا وارو سلسلو جاري آهي، خيرپور جي پي ايس 29 خيرپور واري تڪ تي پيپلز پارٽي جي اميدوار بئريسٽر شيراز راڄپر کي چونڊ مهم دوران ڳوٺاڻن سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي سخت پڇاڻو ڪيو آهي. فيض گنج ويجهو ڳوٺ ميوو مڱريو  ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ پهتل پي ايس 29 تي پ پ اميدوار شيراز راڄپر کي سندس چونڊ مهم ڳچيءَ ۾ پئجي وئي. پيپلزپارٽي ضلعي خيرپور جو جنرل سيڪريٽري ڳوٺ ميوو مڱريو ۾ پهتو ته ڳوٺاڻن سندس گهيرو ڪري ورتو ۽ کيس تعارف جو چيو ته توهان کي پهريون ڀيرو ڏٺو آهي جنهن تي پ پ اميدوار شيراز راڄپر چيو ته مان تڪ تي پهريون ڀيرو  اميدوار  ٿيو آهيان ان ڪري توهان اڳ ۾ مون کي ڪو نه ڏٺو آهي .ان موقعي تي ڳوٺاڻن سخت پڇاڻو ڪندي کيس چيو ته گذريل ڪيترن ئي ورهين کان اسان وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي، آبپاشي پاڻي جي 20 ورهين کان کوٽ آهي، اسڪولن کي عمارتون ناهن، روڊ ٽٽل آهن، توهان اسان کي ڪجهه به ناهي ڏنو،  شڪايتن تي اميدوار ڳوٺاڻن کي چيو ته هاڻي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻي توهان جا سڀ مسئلا حل ڪيا ويندا. ڳوٺاڻن پاران اميدوار کان سوال پڇڻ تي شيراز راڄپر سان گڏ آيل ماڻهو ڳوٺاڻن کي سوال ڪرڻ کان منع ڪندا رهيا. پ پ اميدوار سان گڏ آيل ماڻهن جي منع ڪرڻ باوجود ڳوٺاڻن پ پ اميدوار کان سخت پڇاڻو ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *