Thursday , April 18 2024

اقتدار ۾ اچي بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ جيان خوراڪ ڪارڊ ڏينداسين: بلاول پاران چونڊ منشور جو اعلان

اسلام آباد ( خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي ايندڙ عام چونڊن لاءِ منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقتدار ۾ اچي عوام کي بک، اڃ ۽ بدحالي جي خوف مان ڇوٽڪارو ڏياريندينداسين، عورتن کي ڪاروبار جو مالڪ بڻايو ويندو، پيپلزپارٽي قومي ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائيندي، پاڪستان جي دنيا ۾ سندس جائز حيثيت بحال ڪرائينداسين. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي سربراهه طور پنهنجو پهريون منشور پيش ڪيو جيڪو مجموعي  طور پارٽي جو 11هون منشور آهي. پيپلزپارٽي جي موجودا منشور جو نالو “بي بي جو واعدو نڀائڻو آهي، پاڪستان بچائڻو آهي” رکيو ويو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري چونڊ منشور جو اعلان ڪندي چيو ته اڄ پاڪستان جو هر شعبو استحصال جو شڪار آهي پر هو دنيا ۾ پاڪستان جي جائز حيثيت کي بحال ڪرائيندا.

هن چيو ته اڄ پاڪستان مفلوج بڻجي ويو آهي، دهشتگردي خلاف قربانين باوجود پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي. احتساب جي نالي تي سمورا ادارا تباهه ٿي ويا آهن ۽ پارليامينٽ خاموش تماشائي بڻجي رياست ۽ معيشت کي درپيش خطرن کي ڏسندي رهي. پ پ  چيئرمين چيو ته اسان رياستي ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيارينداسين ۽ پارليامينٽ ۽ ٻين ادارن کي مضبوط بڻائينداسين. هن چيو ته ملڪ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ دنيا سان برابري جي سطح تي لاڳاپا قائم ڪيا ويندا، پارليامينٽ کي پرڏيهي پاليسي بابت اعتماد ۾ ورتو ويندو. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته سلاله تي حملي بعد شمسي ايئربيس بند ڪيو ويو ۽ 7 مهينن لاءِ نيٽو سپلاءِ به بند ڪئي وئي، آمريڪا جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو ۽ پوءِ هڪ سپر پاور ملڪ اسان کان معافي گهري. پاڪستان ۾ پاڻي جو مسئلو سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي، پاڻي مسلو حل نه ڪيو ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻو پوندو ته پاڻي جي بچت ۾ بقا آهي، اسان ڄامشوري ۾ ڊيم ٺاهيا پر  اسان کي سموري ملڪ ۾ ڊيم ٺاهڻا پوندا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته زرعي ملڪ هئڻ باوجود پاڪستان ۾ زراعت جي صورتحال خراب آهي، اسان ملڪ جي هارين جي رجسٽريشن ڪري انهن کي بينظير ڪارڊ جاري ڪنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته عوام کي صحت جون بنيادي صحولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ان بابت اسان ڪراچي، ٽنڊي محمد خان، مٺي ۽ خيرپور ۾ اسپتال کولرايا. هن چيو ته اقتدار ۾ اچي صحت جي سهولتن واري نظام کي سموري ملڪ ۾ پکيڙينداسين ۽ پهريون ڀيرو فيملي هيلٿ پروگرام شروع ڪنداسين. جمهوريت جي دشمنن جون سازشون جاري آهن، پارليامينٽ کان ٻاهر رهي ووٽ کي عزت نه ٿي ڏياري سگهجي. پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ سان جمهوريت مضبوط نه ٿيندي، سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اقتدار ۾ اچي شاگرد يونين ۽ ٽريڊ يونين تي لڳل پابندي ختم ڪرائينداسين، منشور ۾ پهريون ڀيرو لونگ ويج جو پيڪج متعارف ڪرايو آهي جنهن تحت ڪنهن کي هٿ ڦهلائڻ جي ضرورت نه پوندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *