Friday , March 29 2024

اقتدار لاءِ هڪٻئي جا سخت مخالف پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم هِڪُ ٿي ويا

اسلام آبا(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ماضي ۾ انتهائي سخت مخالف رهندڙ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان هڪٻئي سان دوستي ڪري ورتي آهي، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ وفاق اندر حڪومت سازي لاءِ معاهدو ڪيو ويو آهي، خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جمهوريت ۽ پاڪستان کي اڳتي کڻي هلڻ لاءِ عمران خان جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون، جهانگير ترين چيو آهي ته ڪراچي جَي عوام اسان کي ڪامياب ڪيو آهي، ڪراچي لاءِ خاص مالياتي پئڪيج جاري ڪيو ويندو. بني گالا ۾ خالد مقبول صديقي ۽ عامر خان جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ايم ڪيو ايم وفاق ۾ عمران خان جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ ٻنهي پارٽين وچ ۾ وفاق اندر حڪومت سازي لاءِ معاهدو طئي ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم وفد ۽ عمران خان وچ ۾ ملاقات دوران حڪومت سازي لاءِ معاهدي تي صحيح کانپوءِ ميمورنڊم تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.

ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته اسان ذاتي مفادن کان وڌيڪ پاڪستان جي مفادن کي ترجيح ڏني آهي. ڪراچي جي ترقي جو مطلب پاڪستان جي ترقي آهي، پي ٽي آءِ اسان کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو آهي، سنڌ ۾ بلدياتي نظام لاءِ گڏجي ڪوششون ڪنداسين. خالد مقبول صديقي چيو ته پي ٽي آءِ سان معاهدي تحت ڪراچي کي خاص مالياتي پئڪيج ڏنو ويندو هاڻي پاڪستان کي انتظامي بنيادن تي نئين يونٽس جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، کين وفاقي حڪومت جو حصو بڻجڻ تي واڌايون ڏيون ٿا. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي، سيوريج ۽ ٽرانسپورٽ جا مسئلا آهن، اسان ڪراچي کي خاص مالياتي پئڪيج ڏينداسين. جهانگهير ترين چيو ته ڪراچي مان سياسي مداخلت جو خاتمو آندو ويندو، سنڌ جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ اسان کي ايم ڪيو ايم جو مڪمل سهڪار حاصل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *