Thursday , March 28 2024

افغان حڪومت پاران طالبان ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

ابوظهبي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ابوظهبي ۾ پاڪستان جي سهڪار سان افغانستان ۽ افغاني طالبان وچ ۾ ڳالهين جو پهريون مرحلو پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، جنهن ۾ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. افغان امن بابت افغاني طالبان ۽ افغانستان جي حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو دورو شروع ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق ڳالهين ۾ شريڪ طالبان نمائندي چيو ته طالبان شورا سان ڳالهائي ٻيهر زلمي خليل زاد سان ملاقات ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته زلمي خليل زاد ڳالهين جي اڳڀرائپ تي افغان عملدارن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان جي سهڪار سان شروع ٿيندڙ ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان کانسواءِ اماراتي ۽ سعودي عملدار به حصو هئا. امريڪي خاص مددگار زلمي خليل زاد  جي سربراهي ۾ افغانستان ۾ امن عمل تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عامي ميڊيا پنهنجي ذريعن مطابق چيو آهي ته امريڪي ۽ نيٽو فورسز جي افغانستان مان مرحليوار واپسي ۽ ان کانپوءِ افغانستان جي حڪومتي نظام ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي گفتگو ڪئي. ٻئي طرف افغانستان ۾ امريڪي سفارتخاني جي ترجمان مطابق آمريڪا، پاڪستاني حڪومت پاران سهڪار وڌائڻ  جي ڪنهن به قدم جو آڌرڀاءَ ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *