Friday , March 29 2024

افغانين کي شهريت ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آھي؟:اختر مينگل

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ ايم اين اي اخترجان مينگل افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري وزيراعظم جي اعلان تي اعتراض واريندي چيو آهي ته، پي ٽي آءِ سان لکت ۾ ڪيل معاهدي ۾ اسان جو ڇهون نڪتو بگالين جي ڏيهه نيڪالي/ سندن وطن واپسي جو شرط شامل آهي. اسلام آٻاد ۾ پارليامينٽ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو آھي ته، هڪ طرف پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون وڇايون پيون وڃن ته ٻئي پاسي وزير عمران خان اعظم ڪراچي ۾ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي پاڪستاني شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ طرف پاڪ – افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون وڇايون پيون وڃن ته ٻئي پاسي وزيراعظم افغانين کي شهريت ڏني پئي وڃي. اختر مينگل چيو ته جيڪڏهن افغانين کي پاڪستاني شھريت ڏيڻي آهي ته پوءِ ڊيورنڊ لائن ڪهڙي ڪم جي ان کي به ختم ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي حمايت لاءِ اسان سان جيڪو لکت ۾ ٺاهه ڪيو ويو ان ۾ افغانين کي واپس موڪلڻ جو به شرط شامل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *