Friday , March 29 2024

افغانستان ۾ مدرسي تي بمباري خلاف ڪراچي رستن تي قرآن پاڪ پڙهي احتجاج

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) افغانستان جي شهر قندوز ۾ ديني مدرسي تي افغان فورسز جي بمباري سان معصوم طالبن جي مارجي وڃڻ خلاف ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، شاهراهه فيصل جي فوٽ پاٿ تي طالبن قرآن پاڪ جو دؤر ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. امريڪي ۽ افغان فوج جي حملي ۾ طالبن جي شهيد واري سانحي خلاف  خلاف ڪراچي ۾ ديني مدرسن جي حافظن شاهراهه فيصل تي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري احتجاج ڪيو. اهل سنت والجماعت ۽ ٻين ديني تنظيمن جي بندوبست هيٺ مختلف ديني مدرسن جي ننڍڙن شاگردن اڄ منجهند اوچتو شاهراهه فيصل تي ڪارساز ڀرسان پهچي عوامي مرڪز کان ڪارساز تائين فٽ پاٿ تي رهلون رکي طويل قطار ۾ ويهي قرآن پاڪ جي تلاوت شروع ڪئي. ڪجهه شاگردن پنهنجي پيشاني تي ڳاڙهيون پٽي ٻڌي رکيون هيون. ديني مدرسي عثمان بن عفان جي شاگردن شهيدن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ پلي ڪارڊ به کڻي رکيا هئا. ڪجهه شاگرد پلي ڪارڊن سان گڏوگڏ پاڪستاني جهنڊا به کڻي رکيا هئا جن تي آمريڪا ۽ افغانستان فورسز جي خلاف نعرا لکيل هئا، شاگردن جي قرات سان گڏ تلاوت سبب شاهراهه جو ماحول تبديل ٿي ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان جي قندوز شهر ۾ حملي جو نشانو بڻيل مدرسي جي تقريب، حملي کان اڳ جي تصوير

ٻي طرف جماعت اسلامي، جي يو آءِ، جماعت السنت ولجماعت سميت مختلف مذهبي جماعت ۽ انهن جي نگراني ۾ ڪم ڪندڙ سول سوسائٽي جي نمائندن به ڪراچي پريس ڪلب، شاهراهه فيصل، ڪورنگي روڊ، ملير ۽ سائيت وارن علائقن ۾ به قدوز واقعي خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *