Friday , March 29 2024

اسپيڪر آغا سراج دراني رمشا قتل معاملي بابت رٿ پيش ڪرڻ نه ڏني، ايوان ۾ گوڙ

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪنب جي بي دردي سان قتل ڪيل ناري رمشا واري معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن جو سخت احتجاج، ذوالفقار وساڻ کي گرفتار ڪريو ۽ شيم شيم جا نعرا، اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ نصرت سحر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ، حسنين مرزا ۽ دعا ڀٽو رمشا جي قتل خلاف مهملي رٿ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر کيس روڪي ورتو، اپوزيشن پاران حڪومت تي قاتلن جي پٺڀرائي جا الزام. سنڌ اسيمبلي اندر ڪنب ۾ قتل ڪيل 14 ورهين جي ناري رمشا واري معاملي تي اپوزيشن جماعت کي مهملي واري رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي ايوان ۾ سخت گوڙ ڪيو ويو، حسنين مرضيٰ چيو آهي ته رمشا کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو ان تي ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي،  اسپيڪر پاران اپوزيشن ميمبرز کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي ۽ اسپيڪر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو  اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ پاران ڪنب ۾ قتل ڪيل ناري رمشا وساڻ جي مغفرت لاءِ دعا جي درخواست ڪئي وئي. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ پاران رمشا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ لاءِ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو .سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرز حسنين مرزا ۽ دعا ڀٽو پاران رمشا جي قتل خلاف مھملي واري رٿ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي اسپيڪر اجازت نه ڏني.  اپوزيشن اڳواڻن پاران رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي ايوان ۾ سخت گوڙ ڪيو ويو.

حسنين مرزا اسپيڪر کي چيو ته اوھان کي به نياڻين جو اولاد آھي، رمشا معصوم نياڻي آھي کيس بي گناھ قتل ڪيو ويو ان تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي. اجلاس ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي ايوان ۾ پھچي رمشا جي قتل خلاف سخت احتجاج ڪيو جنهن دوران پ پ جي منور وساڻ ۽ اپوزيشن ميمبرز هڪٻئي تي الرون ڪيون. اپوزيشن جي احتجاج دوران ميمبرز پاران ذوالفقار وساڻ کي ڦاھي ڏيو جا نعرا به هنيا ويا. نصرت سحر عباسي چيو ته 14 ورهين جي معصوم نياڻي جو قتل ٿيو آھي پر ايوان ۾ هن ظلم تي ڳالھائڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي. نصرت سحر عباسي جي ڳالھائڻ تي اسپيڪر کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان رڙيون ڪري ايوان جو ماحول خراب نه ڪريو. نصرت عباسي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو احتجاج ڪندي چيو ته معصوم نينگري کي سندس ماءُ آڏو قتل ڪيو ويو آھي، ھن ايوان ۾ ڏوهاري ويٺل آھي. ان موقعي تي اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته خيرپور ۾ معصوم نينگري کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آھي، هو ان معاملي تي ٺھراءُ آڻڻ چاھين ٿا. مخالف ڌر کي ايوان ۾ رمشا معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ بعد سخت احتجاج ڪيو ويو جنهن تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 7 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *