Wednesday , April 24 2024

اسٽيل ملز جي ملازمن کي پگهارون ۽ رٽائرڊ ملازمن کي رهتون نه مليون،احتجاج

ملير ( رپورٽر     سنڌ سماءَ چار)  اسٽيل ملز جا ملازم رهيل پگهارن کان محروم هجڻ ڪري معاشي بدحالي جي ور چڙهي ويا آهن، رٽائر ٿيل ملازمن کي به رهتون ادا ناهن ڪيون ويون، جنهن ڪري سندن زندگي جو گاڏو هلڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. متاثر ملازمن ملير پريس ڪلب آڏو اسٽيل ملز جي ملازمن بحالي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اسٽيل ملز جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ملازمن ياسين ڄامڙو، مرزا مقصود، نعيم الحق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين چيو ته اسٽيل ملز انتظاميا انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.

هنن چيو ته وفاقي حڪومت اسٽيل ملز جهڙي اداري کي هٿ وٺي تباهه ڪري هزارين ملازمن کي بک ۽ بدحالي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسٽيل ملز کي بحال ڪري ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *