Tuesday , March 19 2024

اسٽيل ملز جي ملازمن کي سيپٽمبر مهيني جي پگهار جاري ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي اسٽيل ملز جي ملازمن کي رهيل هڪ مهيني جي پگهار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪميٽي 50 هزار ٽن يوريا ڀاڻ گهرائڻ جي  به منظوري ڏني، اقتصادي رابطا ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽن مهينن اندر گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اسٽيل ملز ملازمن جي پگهارن وارو معاملو کنيو ويندو. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 7 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب، اسٽيل مل جي ملازمن جي سيپٽمبر 2018 جي پگهار جي مد ۾ 37 ڪروڙ 50 لک رپيا جاري ڪيا ويندا. اجلاس دوران رابطا ڪميٽي 50 هزار ٽن يوريا ايڪسپورٽ ڪرڻ جي منظوري به ڏني. اجلاس دوران صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سيمنٽ جي اگهن ۾ ڪيل واڌ ۾ ڊيلر ملوث آهن، جنهن تي اقتصادي رابطا ڪميٽي صوبائي حڪومتن کي سيمنٽ جي اگهه معلوم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *