Thursday , April 18 2024

اسلام ڪوٽ ۾ پسندن جو پرڻو نه ٿيڻ تان ناري ۽ نوجوان شاهو کائي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو

اسلام ڪوٽ (سنڌ سماءَ چار نيوز ) اسلام ڪوٽ جي ڪولهي پاڙي ۾ نوجوان ۽ ناري پسندن جو پرڻو نه ٿيڻ تان ڦاهو کائي مبينا طور تي آپگهات ڪري ڇڏي آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ناري جي مائٽن سندس مرضي خلاف شادي ڪرائي هئي جنهن تي هُن ۽ سندس پريمي آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

ڪولهي پاڙي جي 20 ورهين جي ميڻي ڌي پيرو ڪولهي ۽ حمير جي ڳوٺ ڍاڻي واسي نوجوان ڀڳو ڪولهي جهنگ ۾ وڻ سان رسو ٻڌي مبينا طور اجتماعي آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. اسلام ڪوٽ پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس موجب ٻنهي ڄڻن رات جي وقت گڏجي آپگهات ڪيو آهي.

 پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ناريء َميڻي جي شادي جهڏي ۾ٿيل هئي، هو ڪجهه وقت کان مائٽن وٽ ترسيل هئي، رات ناريءَ جا ساهرا کيس وٺڻ لاءِ آيا هئا، ته هن نوجوان ڀڳو ڪولهي سان گڏجي  آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ٻنهي جي جسم تي تشدد جو ڪو به نشان ناهي پوسٽ مارٽم جو نتيجو اچڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا.

ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته کين خبر ئي نه هئي ته ڀڳو ۽ ميڻي هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا، ميڻي جي ٻئي هنڌ شادي ٿيڻ بعد جڏهن هُوءَ ملڻ آئي ته رات جي وقت گهران نڪري وڃي آپگهات ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *