Thursday , March 28 2024

ٻيلو کاتو زمين وڪڻي ڇڏيندو، سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

Thataa

سپريم ڪورٽ ٺٽي ضلعي جي ۾ قبضن هيٺ ٻيلي کاتي جي زمينن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو کي هدايت ڪئي آهي ته زمين جو دورو ڪري 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي بااثر ماڻهن جي قبضي واري معاملي جو سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت سميت لاڳاپيل اختيارين کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ اهڙيون هدايتون ٺٽي ضلعي جي ڪچي سميت مختلف علائقن ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٿيل قبضن ۽ ٻيلا تباهه ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنيون.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٺٽي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻيلي کاتي پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته کاتي جي زمين مختلف ماڻهن جي قبضي ۾ هئڻ سبب کين وڻن جي پوکي ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. ٻيلي کاتي جي وڪيل چيو ته ٻج پوکڻ جي موسم آهي پر قبضي سبب وڻ لڳائي نٿا سگهجن.عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته زمين توهان کي ملي ته ڪهڙا ٻيلا لڳائيندا، زمين واپس وٺي وري ٻي ڪنهن کي وڪرو ڪري ڇڏيندا.

عدالت ٻيلي کاتي جي نمائندي کان پڇا ڪئي ته ٻڌايو ته اوهان زندگي ۾ ڪيترا وڻ لڳايا آهن. ٻيلي کاتي جي آفيسر چيو ته کاتي طرفان لکين وڻ لڳايا ويا آهن. عدالت ٻيلي کاتي جي نگراني لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي سربراهه ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي زمين جو دورو ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي  2 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *