Thursday , March 28 2024

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاران پاڪستان اسٽيل ملز کي 30 سالن لاءِ ٺيڪي تي ڏيڻ جو اصولي فيصلو

اسلام آباد: وفاقي نجڪاري ڪميٽي پاڪستان اسٽيل ملز کي ليز تي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مملڪتي وزير محمد زبير چيو آهي ته اسٽيل ملز جو خريدار نه ملڻ سبب ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حتمي منظوري ڪابينا جي نجڪاري ڪميٽي ڏيندي. وفاقي نجڪاري ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين محمد زبير جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پاڪستان انشورنس ڪمپني جي نجڪاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس بعد ميڊياسان ڳالهائيندي محمد زبير جو چوڻ هو ته ٻن ڪمپنين پاڪستان اسٽيل ملز کي ليز تي وٺڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاري آهي ۽ اداري لاءِ خريدار نه ملڻ سبب ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. محمد زبير جو چوڻ هو ته اسٽيل ملز کي ليز تي ڏيڻ واري فيصلي جي حتمي منظوري نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي ڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز کي 30 سالن جي لاءِ ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *