Friday , April 19 2024

اسلام آباد: وزيراعظم نواز شريف پاران پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به هيلٿ پاليسي تحت صحت ڪارڊ جاري ڪرڪرڻ جي منظري

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عوام کي صحت جون سموريون سهولتون جلد ملڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته عوام کي وڏي عرصي تائين پنهنجن حقنکان محروم رکيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي صحت عملدرآمد بابت اجلاس ٿيو، اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته صحت جون سهولتون ملڻ عوام جو بنيادي حق آهي، حڪومت مٿن ڪو احسان نه ڪري رهي آهي. نواز شريف چيو ته صحت پروگرام ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۽ سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن ۾ غريب ماڻهو بيمارين کان وڌيڪ متاثر آهن. ٻئي طرف وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾قومي اسيمبلي جي ميمبر غلام بيبي ڀروانه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ملڪ ۾امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن سان ترقي ٿيڻ سان عوام کي سهولتون ملنديون. وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته حڪومت صحت ۽ تعليم جهڙي اهم شعبن جي بهتري لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي..

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *