Thursday , March 28 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خواجا آصف جي ناهلي بابت لکت وارو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير خواجه آصف کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ وبابت مختصر فيصلو ٻڌائڻ بعد لکت ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، عدالت فيصلي جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن تائين پهچائڻ جو به حڪم ڏيندي چيو ته خواجا آصف کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي، فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن خواجا آصف جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ٽه رڪني لارجر بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي درخواست تي  10 اپريل تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بئنچ جي سربراهه جسٽس اطهر من الله، خواجا آصف جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو پڙهي ٻڌايو.

جاري ڪيل فيصلي مطابق عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پرڏيهي وزير خواجه آصف کي 62 ون ايف تحت نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت فيصلي جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته خواجه آصف کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي. ياد هجي ته درخواستگذار پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار موقف اختيار ڪيو هو ته خواجا آصف پنهنجي نامزدگي فارمن ۾ سمورا اثاثا ظاهر نه ڪيا ۽ غلط بياني ڪئي. درخواستگذار چيو ته خواجا آصف صادق ۽ امين ناهي رهيو، جنهن سبب کيس نااهل قرار ڏنو وڃي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن خواجا آصف جي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان نااهلي وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ خواجا آصف جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *