Wednesday , April 24 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج، جسٽس شوڪت عزيز صديقي عهدي تان برطرف

اسلام آباد(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سفارش تي، صدر عارف علوي تڪڙا حڪم جاري ڪندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي سندس سندس عهدي تان برطرف ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.، شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته جوڊيشل ڪائونسل جو فيصلو غير متوقع نه هو، جلد علام کي حقيقتن کان آگاهه ڪندس. سپريم جوڊيشل ڪائوسنل پاران، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس شوڪت عزيز خلاف داخل ريفرنس تي فيصلو ڏيندي کيس عهدي تان برطرفي جي سفارش ڪئي هئي. سپريم جوڊيشل پاران صدر عارف علوي کي موڪليل سفارش تي، عمل ڪندي صدر سفارش جي منظوري ڏني. عارف علوي جي منظوري کانپوءِ قانون واري وزارت، جسٽس شوڪت عزيز کي سندس عهدي تان برطرف ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

سپريم جوڊيشل ڪائونسل راولپندي بار ۾ تڪراري تقرير ڪرڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  جي جسٽس شوڪت صديقي کي عهدي تان  هٽائڻ جي سفارش ڪئي.سپريم جوڊيشل ڪائونسل اسلام آباد هائي ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس شوڪت صديقي کي هٽائڻ بابت سفارش صدر کي موڪلي ڇڏي هئي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل ، جسٽس  شوڪت عزيز صديقي  جي جنهن  بيان تي پاڻمرادو ڪارروائي ڪئي هئي، ان حوالي سان ان جي خلاف ريفرنس جوڙيو ويو هو، جنهن ۾ جسٽس شوڪت عزيز صديقي پاران جواب جمع ڪرايو ويو هو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس  به ان بيان جو ريڪارڊ گهرايو هو. سپريم جوڊيشل ڪائونسل  جي هڪ گڏجاڻي پهرين آڪٽوبر تي ٿي هئي، جنهن بعد جسٽس شوڪت صديقي کي عهدي تان هٽائڻ جي اتفاق راءِ سان سفارش ڪئي وئي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جسٽس کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش  جي ڪاپي صدر سان گڏ  وزير اعظم هائوس ۽ جسٽس شوڪت صديقي کي به موڪلي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *