Tuesday , April 16 2024

اسلام آباد: نهال هاشمي جي پٺي ٺپرجي وئي، استعيفيٰ جي واپسي لاءِ درخواست قبول ٿي وئي

Nihal hashmi01Nihal hashmi02

پاناما ڪيس جي جي وڌيڪ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي ميمبرن خلاف انتهائي سخت زبان استعمال ڪندڙ نواز ليگ جي سينيٽر نهال هاشمي جي اسعيفيٰ واپس ڪئي وئي آهي. سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي اهڙي رولنگ پڙهي ٻڌائي. نهال هاشمي جي جي آءِ ٽي بابت ڪيل ڌمڪين واري تقرير منظر تي اچڻ بعد هُن 31 هين مئي تي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ پيش ٿي سينيٽر شپ تان استعيفيٰ جمع ڪرائي هئي. استعيفيٰ ۾ نهال هاشمي اڻڄاتل سبب ڄاڻائيندي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو لکيو هو.

نهال هاشمي گذريل ڏينهن سينيٽ چيئرميڍن کي هڪ ٻيو خط لکي چيئرمين سينيٽ آڏو روبرو پيش ٿي پنهنجي ڏنل استعيفا واپس وٺڻ جي لکت ۾ درخواست ڏني هئي. اڄ سينيٽ چيئرمين رضا رباني نهال هاشمي جي درخواست تي پنهنجي رولنگ ٻڌائي.

نهال هاشمي جو چوڻ هو ته هن غير معمولي حالتن ۾ سخت دٻاءُ سبب استعيفا جمع ڪرائي، پاڻ کي معصوم ثابت ڪرڻ لاءِ استعيفا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هاڻ سينيٽر طور ذميواريون جاري رکڻ گهران ٿو. ان کان اڳ سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفر الحق، قانون واري وزير زاهد حامد، اڳوڻي وزير پرويز رشيد ۽ مشاهدالله خان سينيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪري کيس نهال هاشمي جي استعيفا منظور ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

نواز ليگ جي هڪ مرڪزي اڳواڻ سنڌسماءَچار کي نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سميت پارٽي جا اڪثر مرڪزي اڳواڻ نهال هاشمي کي استعيفيٰ واپس وٺڻ جو پيغام ڏياريندي سندس ڏنل بيان تي پٺي ٺپري ڇڏي آهي. ان اڳواڻ جو اهو به چوڻ آهي ته، ائين ممڪن ئي نه آهي ته پارٽي جو سربراھ هڪ سينيٽر کي استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪري ۽ انهن هدايتن تي ڏنل استعيفيٰ وري قيادت جي بنا ڪنهن صلاح مشوري يا راضي نامي کانسواءِ واپس ورتي وڃي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *