Friday , March 29 2024

اسلام آباد: شاگردن جي ٻن ڌرين ۾ ميمبرشپ جي مامري تان ڦڏو، 16 شاگرد زخمي – يونيورسٽي اڻڄاتل مدي تائين بند

Qaid e Aza Uni letter

قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ شاگردن جي ٻن غير سياسي تنظيمن جي شاگردن ۾ ميمبرشپ جي مامري تان هلندڙ تڪرار تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 16 شاگرد زخمي ٿي پيا. زخمي ٿيل شاگردن مان ٻن جي حالت خراب ٻڌائي پئي وڃي.

اسلام آباد جي قائد اعظم يونويورسٽي جي ٻن شاگرد ڪائونسلز ۾ ٿيل جهيڙي بابت يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته، جهيڙي جو ڪارڻ سياسي يا قوميت جي بنياد تي ناهي ٿيو پر، ڪائونسلز جي قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو نتيجو آهي.

QAU-Logo

سنڌسماءَچار  کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۽ بلوچستان صوبن سان لاڳاپيل شاگردن ۾ ٿيل جهيڙي جو ڪارڻ ٻنهي صوبن جي شاگردن جي قائم ٿيل ڪائونسلز ۾ ميمبرشپ واري مسئلي تان ڪجھ هفتا اڳ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ناراضگي هلندڙ هئي. ناراضگي بابت قائداعظم يونيورسٽي جي شاگرد سنڌسماءَچار  کي وڌيڪ ٻڌايو ته، جهيڙي جو اصل ڪارڻ ڪشمور واسي هڪ شاگرد امجد بکراڻي جي ميمبرشپ جو معاملو آهي. www.sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ موجب شاگرد امجد بکراڻي جيڪو پهريان سنڌ جي شاگردن واري ڪائونسل جو ميمبر هو پر بعد هُو بلوچستان جي شاگردن واري ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. ٻنهي شاگرد ڪائونسلز ۾ ان مامري تان ڪيترن ئي هفتن کان ناراضگي هلندڙ هئي. ٻنهي شاگرد ڌرين ۾ ناراضگي نيٺ جهيڙي تي وڃي پهتي جنهن ۾ 16شاگرد زخمي ٿي پيا.

ٻنهي شاگرد ڌرين ۾ جهيڙي بعد پوليس يونيورسٽي پهچي وئي جتي پاڻ ۾ وڙهندڙ شاگردن کي ڀڄائڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ به ڪجھ شاگرد زخمي ٿي پيا. مامري کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ پوليس رينجرز جي به مدد ورتي ۽ رينجرز جي اهلڪارن کي طلب ڪيو ويو.

مامري کي وڌيڪ ٿڌو ڪرڻ ۽ ڦڏو ٽارڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميا ايندڙ حڪمن تائين يونيورسٽي بند ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪندي شاگردن خاص طور ڇوڪرن/بوائز کي هاسٽل خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *