Friday , March 29 2024

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نهال هاشمي کي توهن عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اهنڙيون ڌمڪيون دهشتگردي آهن – جسٽس شيخ عظمت

nehal_hashmi1

نواز ليگ جي مستعفي سينٽيٽر نهال هاشمي پاران سپرفيم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي جي ميمبرن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري مامري جي پاڻمرادي نوٽيس جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ پاران پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته نهال هاشمي جي آواز ۾ ڪو ٻيو ڳالهائي رهيو هو، 28 مئي تي تقرير ٿي ۽ ٻن ڏينهن تائين حڪومت خاموش رهي، جڏهن مامرو منظر تي آيو ته پوءِ هلچل مچي وئي.

عدالت رماڪس ۾ نهال هاشمي کي وڌيڪ چيو ته، توهان کي خبر آهي اهڙيون ڌمڪيون دهشتگرد ڏيندا آهن، دشمن جي ٻارن کي به اهڙيون ڌمڪيون ناهن ڏبيون. سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽثيس جي ٻڌڻي بعد نهال هاشمي خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪندي کيس توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ياد رهي ته، 82 هين مئي تي ن ليگ جي سينٽر نهسال هاشمي پاناما ڪيس جي جا چ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم کي کُلئي عام ڌمڪيون ڏيندي چيو هو ته، “ جاچ ڪندڙ اوهان جنهن کان جاچڪري رهيا آهيو اُهو وزيراعظم نواز شريف جو پٽ آهي، اوهان نيٺ رٽائر ٿيندو. ياد رکو اوهان جو ۽ اوها جي گهر ڀاتين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏينداسين”. ان سلسلي ۾ وڪيل اڳواڻ شيد رضوي چيو آهي ته، نهال هاشمي جو بيان حومت جي خطرناڪ منصوبا بندي لڳي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *