Tuesday , April 23 2024

اسلام آباد: ارسا جي چيئرمن شپ لاءِ سنڌ جي ميمبر جي نامزدگي رد،وفاقي ميمبر جي پوسٽ 7سالن کان خالي

Mazhar shahIRSA 1

انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جو چيئرمين سيد مظهر علي شاھ 29 هين جون تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو ۽ سندس رٽائر ٿيڻ سان ارسا ۾ ٽن ميمبرن جون جايون خالي ٿي وينديون. وفاقي سرڪار سنڌ جي ميمر کي ارسا جي چيئرمين طور مقرري وڏي عمر هجڻ جو جواز ڄاڻائيندي رد ڪري ڇڏي آهي. چيئرمين طور ذميواريون نڀائيندڙ سنڌ جي ميمبر سيد مظھر علي شاھ جي رٽائرڊ ٿيڻ سان ارسا ۾ ٽن ميمبرن جو پوسٽون خالي ٿي وينديون.

حڪومت پاران ارسا ۾ سنڌ ميمبر طور  سيد مظھر علي شاهه جي ٽيون ڀيرو نامزدگي رد ڪرڻ سبب اٿارٽي جو موجوده چيئرمين ۽ صوبائي ميمبر 29 جون تي ٽن سالن جو ٻيو مدو مڪمل ٿيڻ بعد فارغ ٿي ويندو. وفاقي حڪومت سيد مظھر علي شاھ جي ٽيون ڀيرو سنڌ ميمبر طور نامزدگي سندس عمر وڌيڪ ھئڻ سبب رد ڪري چڪي آهي. سيد مظھر علي شاھ 6 سال اٿارٽي ۾ صوبائي ميمبر طور پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو رهيو آھي. سيد مظھر علي شاھه جي رٽائرمينٽ بعد ميمبرن جون 3 سيٽون خالي ٿي وينديون. ڪجھه مھينا اڳ ارسا ۾ پنجاب جو ميمبر رائو ارشاد علي رٽائرڊ ٿي ويو، جنھن جي جاءِ تي اڃا تائين نئون ميمبر مقرر ناھي ڪيو ويو. اٿارٽي ۾ وفاقي ميمبر جي پوسٽ 2010ع کان خالي آھي، ان وقت سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ بشر ڏھر وفاقي ميمبر طور استعيفا ڏني ھئي، جنھن بعد وفاقي ميمبر پ پ حڪومت توڙي موجوده حڪومتي دور ۾ نئين نامزدگي ناھي ٿي سگھي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *