Friday , April 19 2024

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کان ايس پي ايس سي جي ميمبرن جي غيرقانوني مقرري بابت جواب طلب

اسلام آباد:

سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ چيئرمين ۽ ميمبرز جي غير قانوني مقررين واري ڪيس ۾ لکت ۾ امتحان پاس ڪندڙ 664 اميدوارن کان ٻيهر انٽرويو وٺڻ بابت سنڌ سرڪار کان جواب طلب ڪري ورتو، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو آهي ته امتحانن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي، جيڪڏهن سنڌ سرڪار جواب نه ڏنو ته پوءِ هن معاملي تي انڪوائري ڪميشن ويهاري امتحاني ڪاپيون ان حوالي ڪيون وينديون.
چيف جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ چيئرمين ۽ ميمبرز جي غير قانوني مقررين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ غير قانوني مقرر چيئرمين جي دور ۾ 664 اميدوارن کان انٽر ويو ورتا ويا، ان حوالي سان ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي صوبائي حڪومت کان تفصيل وٺي عدالت کي آگاهه ڪري.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن سنڌ سرڪار ان حوالي سان جواب جمع نه ڪرايو ته پوءِ فيصلو ميرٽ تي ڪيو ويندو، جڏهن ته عدالت ڪميشن به جوڙي سگهي ٿي.
ججز رمارڪس ۾ چيو ته هُو چاهين ٿا ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي صاف ۽ شفاف ادارو بڻايو وڃي، جتي رڳو ميرٽ تي ئي مقرريون ٿيڻ گهرجن.
جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين اهل ئي ناهي ته پوءِ سفارشون ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟، سنڌ سرڪار ڪميشن جي سفارشن تي عمل نه ڪري.
سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کي اڱاري تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *