Thursday , March 28 2024

اسلام آباد:آصف زرداري صدارت دوران ايوان صدر ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملندو رهيو آهي: ترجمان گهرو وزارت

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان چوڌري نثار جي پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملڻ بابت بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري صدارت دوران ايوان صدر ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملندو رهيو آهي، جنهن جون تصويري ثابتيون به موجود آهن. وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دفاع پاڪستان ڪائونسل 2009ع ۾ پ پ جي وفاقي حڪومت دوران ٺهي هئي، ان وقت پيپلزپارٽي ڪيڏانهن وئي هئي. وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته الزام هڻڻ پيپلزپارٽي جي عادت بڻجي وئي آهي، پ پ کي الزام هڻڻ بدران سنڌ ۾ بهتر حڪمرانيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته آصف زرداري جڏهن پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملندو رهيو آهي ۽ جيڪڏهن فرحت الله بابر ان کان لا علم هو ته کيس تصويري ثابتيون ڏئي سگهجن ٿيون…..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *