Thursday , April 18 2024

اسرائيل جو جهاز پاڪستان آيو يا نه، معاملو منجهي ويو

اسلام آباد(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسرائيلي جهاز جي پاڪستان جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ لينڊنگ ڪرڻ وارو معاملو تڪراري بڻجي ويو آهي.اسرائيلي صحافي سماجي ويب سائيٽ تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ 25 آڪٽوبر تي پاڪستان جي سرزمين تي اسرائيلي جهاز جي لهڻ جي دعوا ڪئي، جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ،سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي خبر کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو،ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي سرد مهري  مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪارو ضرور آهي. اسرائيلي صحافي ايوي شارف پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته اسرائيلي جهاز پاڪستان آيو، جهاز اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب  کان سڌو اسلام آباد نه آيو، پر جهاز جي پائليٽ چالاڪي ڪندي پهريان پنجن منٽن لاءِ  عمان ۾ لينڊ ڪيو ۽ پوءِ اتان اسلام آباد لاءِ اڏام ڪئي.

برطانوي نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته گلوبل ايڪسپريس ايڪس آر ايس نالي ڄاڻايل جهاز اسرائيل ۾ رجسٽرڊ نه هو ۽ ان کي ڪيناڊا جي هڪ ڪمپني تيار ڪيو. سول ايوي ايشن اٿارٽي  اسرائيلي جهاز جي پاڪستان اچڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي خبر کي بي بنياد  قرار ڏئي ڇڏيو. حڪومت جي سرڪاري ٽوئٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ سول ايوي ايشن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته ڪنهن به اسرائيلي جهاز اسلام آباد ۾ لينڊنگ نه ڪئي آهي.  اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال حڪومت کان وضاحت گهري آهي، جنهن جي جواب ۾ فواد چوڌري  احسن اقبال کي جعلي فڪر نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيو ته اسان نه مودي سان لڪ ڇپ ۾ ڳالهيون ڪنداسين ، نه ئي اسرائيل سان، ملڪ محفوظ هٿن ۾ آهي. احسن اقبال، فواد چوڌري جي جواب ۾ چيو ته هن جي سرد مهري مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪارو ضرور آهي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسلام آباد اسرائيلي جهاز جي لهڻ واري خبر ۾ ڪابه سچائي ناهي. هن چيوته خبر ۾ڪا سچائي ئي ناهي ته هو ان تي ڪهڙو تبصرو ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *