Wednesday , April 24 2024

اسد قيصر قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ قاسم سوري ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا،خورشيد شاهه کي شڪست

اسلام آباد( رپورٽر سبڌسماءَچار) پي ٽي آءِ جو اسد قيصر قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ قاسم سوري ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا، اسد قيصر 176 ۽ قاسم سوري 183 ووٽ کڻي ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي تي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، اسپيڪر جي حلف کڻڻ دوران نواز ليگ اڳواڻن پاران ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا هنيا ويا. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسمبلي جو اجلاس ٿيو، جتي ڳجهي راءِ شماري ذريعي پهرين مرحلي ۾ اسپيڪر جي چونڊ ٿي.  پاڪستان تحريڪ انصاف جي طرفان اسد قيصر ۽ مخالف اتحاد طرفان سيد خورشيد شاهه کي اسپيڪر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.  ڳجهي راءِ شماري دوران اسد قيصر 176 ۽ خورشيد شاهه 146 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته 330 مان 322 ووٽ منظور ۽ 8 ووٽ رد ڪيا ويا. پولنگ جي نتيجن جو اعلان ڪرڻ بعد سردار اياز صادق اسد قيصر کان قومي اسيمبلي جي نئين اسپيڪر جي عهدي جو حلف ورتو. اسد قيصر جي حلف کڻڻ واري موقعي تي مسلم ليگ ن جي اسيمبلي ميمبرن سخت احتجاج ڪندي “ووٽ کي عزت ڏيو”  جا نعرا هنيا.  اسپيڪر جي حلف کڻڻ واري تقريب ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان قومي اسمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ پهتو ته وٽس سڃاڻپ ڪارڊ موجود نه هو جنهن تي پولنگ ايجنٽ جي رضامندي سان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن تي پيپلز پارٽي جي ميمبر قادر پٽيل اعتراض واريا.  اسپيڪر اياز صادق اسپيشل ڪيس قرار ڏيندي عمران خان کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني جنهن بعد هن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.  عمران خان کي اجازت ڏيڻ تي پيپلزپارٽي جي ميمبر قادر پٽيل اعتراض واريندي چيو ته مون وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه هو ته اسٽاف مون کي چيو ته ڪارڊ کڻي اچو يا ٻيهر اسيمبلي ڪارڊ ٺهرائي وٺو، عمران خان نيازي وٽ ڪارڊ نه هو پر کيس اجازت ڏني وئي.  قادر پٽيل چيو ته سمورا ميمبر برابر آهن ايوان ۾ ڪو به ننڍو وڏو ناهي، سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي.  جنهن تي اسپيڪر اياز صادق عبدالقادر پٽيل کي چيو ته منهنجي لاءِ سمورا ميمبر برابر آهن، جيڪڏهن توهان به پڇي وٺو ها ته مان توهان کي به اجازت ڏئي ڇڏيان ها. اسپيڪر جي حلف برداري تقريب بعد اسد قيصر ايوان اندر ڳجهي راءِ شماري ذريعي ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪرائي. ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ اميدوار قاسم سوري 183 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، اپوزيشن جو گڏيل اميدوار اسعد محمود 144 ووٽ کڻي سگهيو، ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ دوران هڪ ووٽ خارج قرار ڏنو ويو، قاسم سوري جي ڪاميابي بعد اسپيڪر کيس ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي جو قسم کڻايو.

نئي چونڊيل ڊپٽي اسپيڪر اسد قيصر خطاب ڪندي چيو ته، هو پارٽي قائد عمران خان پاران نامزد ڪرڻ تي هو سندس ٿورائتو آهي. هن چيو ته بلوچستان تعليم صحت ۽ صاف پاڻي جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي، هو بلوچستان جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندا. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري چيو ته هو بلوچستان جي عوام کي پنهنجا بنيادي حق ڏياريندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *