Friday , April 19 2024

استعيفيٰ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏيندس، اميد اٿم ته سپريم منهنجي ڳالھ ٻڌندي: وزيراعظم

NAWZ PMLNوزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ عهدي تان استعيفيٰ نه ڏيندس ۽ نه ئي وري استعيفيٰ ڏيڻ واري ڳالھ سوچي سگهان ٿو، مان پنهنجي لاءِ نه پر عوام جي لاءِ آخريد حد تائين ويندس ۽ وڙهندس، بدترين مخالف ئي مون کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، مونکي عوام چونڊيو آهي ۽ استعيفيٰ جا مطالبا اهي پيا ڪن جن کي عوام رد ڪري چڪو آهي ۽ انهن جي چوڻ تي استعيفيٰ ڇو ڏيان؟ وزيراعجظم نواز شريف پارلياماني پارٽي جي اجلاس دوران اڳواڻن سان ڳالهائيندي ۽ مختلف مامرن بابت راءِ ڏيندي چيو ته، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته 2013ع جي چونڊن کانپوءِ ئي هڪ بنا جواز مهم شروع ڪئي وئي، چئن سالن دوران ڇا ڇا ٿيندو رهيو، هن وقت ٻڌائي نٿو سگهان، هاڻي هي ٽيون حملو ٿي رهيو آهي. ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، تڪراري جي آءِ ٽي جي تڪراري رپورٽ مخالفن جي بي بنياد الزامن جو مجموعو آهي، چار هزار صفحن ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني جو ڪو الزام نه هنيو ويو، اسان جي خاندان جي 62 سالا ڪاروباري معاملن کي مفروضن، سورس رپورٽن، بهتانن ۽ الزام تراشين جي بنياد تي نشانو بڻايو ويو، اسان جي سوين ترقياتي منصوبن ۾ هڪ پئسي جي بدعنواني، ڪميشن يا ڪڪ بيڪس جو ڪو داڳ نه آهي، توانائي جا درجنين منصوبا اسان جي دور ۾ لڳا ۽ مسلسل لڳي رهيا آهن، فوج سان گڏجي دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي، ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو، بلوچستان ۾ پاڪستان جا ترانا وڄي رهيا آهن، معيشت شاندار ترقي ڪري رهي آهي، تخريبي سياسي عنصرن جي سازشن جو سلسلو نه هجي ته اسان 7 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌويجهه جي شرح حاصل ڪري سگهون ٿا.

هن چيو ته رڳو اسان جي خاندان جي 62 سالا ڪاروباري معاملن کي مفروضن، سورس رپورٽن، بهتانن ۽ الزام تراشين جي بنياد تي نشانو بڻايو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال پاڪستان جي 70 سالا تاريخ جو ئي هڪ عڪس آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ڪو هڪ اهڙو جملو نه آهي جنهن سان اشارو به ملي ته نواز شريف ڪرپشن جو مرتڪب ٿيو آهي. هن چيو ته منهنجي اقتدار جي پنجن دورن ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي دورن ۾ جيڪڏهن اسان جي خلاف هڪڙي پئسي جي به ڪرپشن جو ڪو ڪيس آهي ته سامهون آندو وڃي. اسڪينڊل ته پري جي ڳالهه، رپورٽ جي چار هزار صفحن ۾ ڪرپشن، بدعنواني جو ڪو الزام نه هنيو ويو آهي. هن چئلينج ڪيو ته جيڪڏهن سندن سوين ترقياتي منصوبن ۾ ڪنهن هڪ پئسي جي ڪڪ بيڪس، ڪميشن يا بدعنواني جو ڪو ثبوت آهي ته سامهون آندو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪجهه ته ٻڌايو ته ڪنهن ٺيڪي، ڪنهن منصوبي ۾ نواز شريف هڪ پئسي جي به بدعنواني ڪئي آهي. هن چيو ته منهنجي رستي ۾ مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون پر آئون پنهنجي نظريي ۽ موقف تي ڄميل رهيس. مون کي نااهل قرار ڏئي چونڊن کان ٻاهر ڪيو ويو پر همت نه هاري، مشرف جي آمريت آڏو ڪنڌ نه جهڪايو. وزراعظم چيو ته مون زندگي داءُ تي لڳائي عدليه بحالي جي لاءِ لانگ مارچ ڪيو. اڄ جيڪي وڏا وڏا ليڊر بڻيل آهن ان وقت لڪي ويا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *